آزادي جا مقصد حقيقت جي صورت ۾ حاصل ڪرڻ لاءِ پليٽ فارم تي گڏ ٿيڻ لاءِ سخت جدوجهد ڪرڻي پوندي: وڏو وزير

ڪراچي (اين اين آءِ) 23 مارچ يوم پاڪستان جي موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته 23 مارچ 1940 تي لاهور ۾ هڪ تاريخي قرارداد پاس ڪيو ويو هو جنهن جي روشني ۾ ننڍي کنڊ جي مسلمانن قائد اعظم محمد علي جناح جي قيادت ۾ جدوجهد ڪئي ۽ ان جدوجهد ۾ لکين ماڻهن قربانيون ڏنيون ۽ ننڍي کنڊ ۾ مسلمانن لاءِ هڪ جدا ملڪ پاڪستان حاصل ڪيو. سنڌ جي وڏي وزير تحريڪ آزادي جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته قوم کي آزادي جا مقصد حقيقت جي صورت ۾ حاصل ڪرڻ لاءِ نه صرف هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿيڻو پوندو پر سخت محنت به ڪرڻي پوندي. هن چيو ته ڪنهن به قوم جي ترقي جو راز اتان جي تعليم جي شرح ۽ نوجوانن ۾ قومي جذبو آهي ۽ پ پ جي صوبائي حڪومت انهن ٻنهي اصولن کي اجاگر ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي، هر سال 23 مارچ کي جذبي سان ملهايو ويندو آهي، اسان کي قوم کي باشعور بڻائڻ لاءِ جمهوري روايتن ادارن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻو آهي. قانون جي حڪمراني ۽ قائد اعظم جي اصولن موجب سمورين شهرين جنهن ۾ اقليتين کي انصاف، جمهوريت، ماڻهن کي معاشي آزادي ميسر هجي، هن چيو ته شهيد ڀٽو قوم کي گڏيل اسلامي جمهوري ۽ وفاقي آئين ڏنو جنهن ۾ عوام جي بنيادي حقن کي لازمي قرار ڏنو ويو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *