آرٽيڪل 243 ۾ ترميم لاءِ حڪومت کي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت گهربل آهي، حڪومت سنجيده آهي ته ڳالهيون ڪري: سعيد غني

ڪراچي( اسٽاف رپورٽر ) سنڌ جي اطلاعات ۽ محنت واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته وفاقي سرڪار کي غريبن جي ڪا به پرواهه ناهي ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح 9 سال کان وڌيڪ آهي اهي ماڻهو عوام جي ووٽن سان نه پر چور دروازن کان اقتدار ۾ آيا آهن ان حڪومت کي عوام جو احساس ناهي ۽ ملڪ جا ڪروڙين ماڻهو انهن کي برداشت ڪرڻ تي مجبور آهن عوام جي چونڊيل وزيرن کي ٽماٽرن ۽ مٽرن جي اگهن جو علم ناهي اهي مهانگائي کي ڇا ڪنٽرول ڪندا. ان ملڪ ۾ ڪو فرد اهڙو ناهي جيڪو سڪون جي زندگي گزاري رهيو هجي. صوبائي وزير سعيد غني سنڌ اسيمبلي ۾ ميڊيا ڪارنر تي صحافين سان ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو هو. سعيد غني وڌيڪ چيو ته وزيراعظم، پنجاب جي وڏي وزير جي تعريف ڪندي ناهي ٿڪندو پر اتان جو حال اهو آهي ته صوبي ۾ پنج آئي جي ۽ ڪيترائي سيڪريٽرين کي تبديل ڪيو ويو آهي ان لاءِ اسان چوندا آهيون جيستائين نااهل حڪمران اقتدار ۾ رهندا ملڪ ۾ بهتري نه ايندي. اطلاعات ۽ محنت واري وزير چيو ته خبر شايع ٿي آهي ته پنجاب جي اسپتالن ۾ اينٽي ريبيز ويڪسين 83 سيڪڙو اسپتالن ۾ ناهي ۽ 1732 مرڪز اهڙا آهن جٿي اها ويڪسين ناهي جڏهن ته پي ٽي آئي سنڌ حڪومت کي چوندي آهي اسان ته هڪ هڪ ويڪسين جي تفصيل ٻڌائي چڪا آهيون ان مان اندازو ڪيو ته پنجاب ۾ ڪهڙي صورتحال هوندي هن چيو ته وزيراعظم جي حلقي ميانوالي ۾ نانگ جي ڪکڻ سان ٻارڙي فوت ٿي وئي ۽ اتي ڪنهن کي به ويڪسين نه ملي ڇو ته ويڪسين جي کوٽ پوري پاڪستان ۾ آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *