اسلام آباد (بيورو) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيف جسٽس ثاقب نثار سان ملاقات ڪري ڊيمن جي تعمير لاءِ فنڊن جو چيڪ ڏنو. سپريم ڪورٽ جي ترجمان موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيف جسٽس پاڪستان جسٽس ميان ثاقب نثار سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ هن ڊيمن جي تعمير لاءِ پاڪ فوج طرفان هڪ ارب 59 لک رپين جو چيڪ ڏنو. چيف جسٽس کي آرمي چيف خط به لکيو، جنهن ۾ ديامر ڀاشا ۽ مهمند ڊيمن جي تعمير واري فيصلي کي ڀليڪار ڪيو ويو. آرمي چيف خط ۾ چيو آهي ته ان قومي مقصد لاءِ پاڪ فوج جي سمورن رينڪس پنهنجو حصو وڌو آهي، پاڪ فوج جي آفيسرن سميت سول آفيسرن ٻن ڏينهن جي پگهار ڊيمن لاءِ ڏني، جڏهن ته جونيئر ڪميشنڊ آفيسرن ۽ سپاهين ڊيمن لاءِ هڪ – هڪ ڏينهن جي پگهار ڏني آهي. هوڏانهن آءِ ايس پي آر به آرمي چيف ۽ چيف جسٽس جي ملاقات جي تصديق ڪندي چيو آهي ته پاڪ فوج طرفان هڪ ارب رپين کان وڌيڪ جا چيڪ ڊيم فنڊ لاءِ ڏنا ويا آهن. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف چيو ته پاڪ فوج قومي اداري جي حيثيت سان قوم جي تعمير لاءِ ڪردار ادا ڪندي رهندي.2