اسلام آباد ( بيورو) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته جي ايڇ ڪيو ۾ ملاقات دوران آرمي چيف واضح ڪيو ته فوج ٻين ادارن وانگر حڪومت جي ماتحت ادارو آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته جي ايڇ ڪيو ۾ وزيراعظم کي اهم بريفنگ ڏني وئي جنهن جو تعلق ملڪي دفاع، سلامتي ۽ حساس ڄاڻ بابت هو، سمورن ملڪن سان لاڳاپن جي صورتحال ۽ اسٽريٽجڪ لاڳاپن تي تفصيلي ڳالهيون ٿيون آهن. هن چيو ته اها وڏي خوشي ڳالهه ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ادارا نه رڳو هڪ پيج تي آهن پر هڪ ڪتاب به پڙهي رهيا آهن، سمورا ادارا گڏيل حڪمت عملي سان ئي اڳتي وڌي سگهن ٿا، جي ايڇ ڪيو ۾ ملاقات دوران آرمي چيف واضح ڪيو ته فوج ٻين ادارن وانگر حڪومت جي ماتحت ادارو آهي. سندس چوڻ هو ته ڪشمير جي معاملي تي به ڳالهيون ٿيون آهن، ڪشمير تي پاڪستان ۽ ڀارت ۾ جنگيون ٿي چڪيون آهن، ان لاءِ ڪشمير جي معاملن کانسواءِ ڪا اسٽريٽجڪ ڳالهه ٻولهه مڪمل نه ٿي ٿي سگهي. فواد چوڌري چيو ته پاليسي ٺاهڻ حڪومت جو ڪم آهي، سمورن ملڪن سان لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻ چاهيون ٿا، گذريل حڪومتي دور ۾ مودي، نواز ۽ ارداون لاڳاپا هئا پر اڳوڻي ۽ پي ٽي آءِ جي حڪومت ۾ فرق هوندو، اسان جي حڪومت ۾ رياست جي سطح تي لاڳاپا هوندا ۽ سمورن اسٽيڪ هولڊرن کي گڏ رکيو ويندو. هن چيو ته پاڪستان ترقي ۽ او آءِ سي کي به سفارتڪاري ۾ شامل ڪيو آهي، اسان ڀارت سان پرامن لاڳاپا ۽ امن چاهيون ٿا، ڀارت سان لاڳاپن ۾ استحڪام ضروري آهي، اسان پاڪستان ۾ استحڪام چاهيون ٿا 7 افغانستان ۾ به امن استحڪام جا خواهشمند آهيون، آرمي چيف افغانستان جو دورو ڪري چڪو آهي ۽ هن افغان صدر کي به مڪمل سهڪار جو چيو آهي. سندس چوڻ آهي ته چين جو پاڪستان ۾ تمام وڏو اقتصادي مفاد آهي، سي پيڪ چين ۽ پاڪستان وچ ۾ جيو اڪنامڪ ٺاهه آهي، سي پيڪ تحت 42 ارب ڊالر جا وڌيڪ پروجيڪٽ اچڻا آهن، چين سان ڪو اسٽريٽجڪ ٺاهه نه آهي،اقتصادي ٺاهه کي اڳتي وڌايو ويندو، چين سان سان معاشي رشتو برقرار رهڻ گهرجي پر چين سان لاڳاپن جو اهو مطلب ناهي ته روس سان لاڳاپا نه هجن ۽ آمريڪا سان لاڳاپا خراب نه هجن، اسان چاهيون ٿا ته روس به پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪري. سڌ سماءَ واري وزير چيو ته گستاخ خاڪن خلاف احتجاج جو سڏ واپس ورتو ويو آهي، پاڪستان جي ڪوششن سان نيدر لينڊر مقابلو رد ڪرڻ جو اطلاع ڏنو، هالينڊ حڪومت خاڪن جي حق ۾ نه هئي، خاڪن سان امت ۾ فتنو پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. فواد چوڌري چيو ته پاڪستان کي وڏي سفارتي ڪاميابي ملي آهي، گستاخ خاڪن جي معاملي تي عالمي حڪمت عملي جوڙڻ جي ضرورت آهي، وزيراعظم ان معاملي تي تمام گهڻو ڏکارو هو، هن پرڏيهي وزير کي معاملو گڏيل قومن ۾ کڻڻ جو چيو آهي