راولپنڊي(م ڊ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه فوجي عدالتن مان سزا مليل 10 دهشتگردن جي موت جي سزا جي منظور ڏئي ڇڏي آهي. پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جن دهشتگردن جي موت جي سزا جي منظوري ڏني آهي اهي ملڪ ۾ دهشتگردي جي مختلف ڪارروائين ۾ ملوث هيا ۽ کين فوجي عدالتن مان موت جي سز اجو حڪم ٻڌايو ويو هو. آءِ ايس پي آر موجب موت جي سزا ماڻيندڙ دهشتگرد ملڪ ۾ دهشتگرداڻين ڪارروائين، شهرين ۽ فوجين جي قتلن سيڪيورٽي فورسز ۽ تعليمي ادارن تي حملن ۾ ملوث هيا. آءِ ايس پي آر موجب ڄاڻايل 10 دهشتگرد گڏيل طور تي 10 سيڪيورٽي اهلڪارن جي قتل ۽ 33 کي زخمي ڪرڻ ۾ ملوث هيا ۽ انهن وٽان هٿيار ۽ بارود به هٿ ڪيو ويو هو. آءِ ايس پي آر موجب فوجي عدالتن مان 10 دهشتگردن جي موت جي سزا جي منظوري کان سواءِ 3 دهشتگردن کي عمر جي قيد به ٻڌائي وئي آهي. آءِ ايس پي آر موجب سميع الرحمان ۽ عظيم خان پابندي مڙهيل تنظيم سان لاڳاپيل هئا ۽ اهي ٻئي ميجر محمد احسان، 9 فوجين ۽ 2 پوليس اهلڪارن جي قتل ۽ 13 کي زخمي ڪرڻ ۾ ملوث هيا. ان کان سوا3 ٻنهي وٽان هٿيار ۽ بارود به هٿ ڪيو ويو هو.