آرمي چيف سڌي ڳالهه ڪندو آهي، سندس ڪم جي تعريف ڪرڻ گهرجي: شهباز شريف

لاهور(م ڊ) پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف چيو آهي ته آرمي چيف سڌي ڳالهه ڪندو آهي، سندس ڪم جي تعريف ڪرڻ گهرجي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شهباز شيرف چيو ته عوام جي فلاح ۽ بهبود جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻنداسين، موقعو مليو ته سنڌ ۽ ڪي پي ڪي ۾ اسپتالن جي بهتري جي لاءِ ڪم به ڪنداسين، ٻنهي صوبن کي پنجاب جي برابر ڪنداسين. هن چيو ته ملڪ ۾ علاج جي حوالي سان هر ممڪن سهولت موجود آهي، پنجاب ۾ عام ۽ خاص مريضن جي دوائن جي فراهمي يقيني بڻائي ڇڏي آهي، پنجاب جي ڪنهن به اسپتال ۾ دوائن جي کوٽ ناهي، منهنجو علاج پرڏيهه مان شروع ٿيو ان ڪري وڃڻو پوندو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ شهباز شريف چيو ته باجوه ڊاڪٽرائن جي باري ۾ گهڻو ڪجهه لکيو ويو آهي، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه پيشيور سپهه سالار آهي،  ساڻس ملاقات ٿي، هو سڌي ڳالهه ڪندو آهي ۽ هو جيڪو ڪم ڪري رهيو آهي ان جي تعريف ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته اڄ ڪلهه نيب گهڻي ايڪٽو آهي، آئون نيب ۾ پيش ٿي چڪو آهيان، اختلاف اهو آهي ته نيب ڪرپشن جي ثابت ٿيل ڪيسن تي به ڪم ڪري، منهنجي پارٽي ئي ڇو نه هجي، جيڪڏهن بدعنواني آهي ته ان کي سامهون آندو وڃي.  چوڌري نثار سان ملاقات جي سوال تي وڏي وزير چيو ته منهنجي ساڻس ملاقات ٿيندي رهندي آهي ان ۾ خبر واري ڪا به ڳالهه ناهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *