آرمي چيف رٽائرڊ بريگيڊيئر ۽ حساس اداري جي آفيسر کي موت جي سزا جي منظوري ڏئي ڇڏي

راولپنڊي: (م ڊ)  پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوا پاڪ فوج جي ٻن ۽ حساس اداري جي سويلين آفيسر کي سزائن جي منظوري ڏئي ڇڏي.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي آءِ ايس پي آر موجب آرمي آفيسرن ۽ سويلين آفيسر کي جاسوسي جي الزام ۾ سزا ڏني وئي هئي. آءِ ايس پي آر موجب ڏوهارين حساس ڄاڻ ٻين ملڪن کي ليڪ ڪئي هئي.پاڪستان جي عام لاڳاپن واري شعبي موجب سزا حاصل ڪندڙن ۾ ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ جاويد اقبال کي 14 سال قيد جي سزا ڏني وئي.آءِ ايس پي آر موجب برگيڊيئر رٽائرڊ راجا رضوان کي موت جي سزا ڏني وئي جڏهن ته حساس اداري جي سويلين آفيسر ڊاڪٽر وسيم اڪرم کي موت جي سزا ڏني وئي.آءِ ايس پي آر موجب ٽنهي آفيسرن جو پاڪستان آرمي ايڪٽ ۽ آفيشل سيڪرٽ ايڪٽ جي تحت ٽرائل ڪيو ويو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *