آرمي چيف جي مُدي ۾ واڌ صحيح آهي يا غلط، اُن کي چئلينج ڪري سگهجي ٿو: اعتزاز احسن

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پيلزپارٽي اڳواڻ اعتزاز احسن چيو آهي ته آرمي چيف جي مقرري وزيراعظم جو حق آهي، ان تي بحث ٿي سگهي ٿو ته واڌ سهي آهي يا غلط، عدليه به تمام وڏو ادارو آهي پر پارليامينٽ به سپريم آهي، ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اعتزاز احسن وڌيڪ چيو ته آرٽيڪل وزيراعظم کي آرمي چيف جي ملازمت واري مدي ۾ واڌ جو اختيار ڏئي ٿو، ايڪسٽينشن سهي آهي يا غلط ان کي بعد ۾ چئلينج ڪري سگهجي ٿو، پر اهو وزيراعظم کي اختيار آهي، ان ڳالهه کي چئلينج نٿو ڪري سگهجي ته وزيراعظم مقرري ڇو ڪئي. مون آرٽيڪل 255 ۾ گذريل ڏينهن ڪيل ترميم ناهي ڏٺي، قانون واضح چوي ٿو ته صدر صرف ان کي ايڪسٽينشن ڏئي سگهي ٿو جنهن جي تجويز وزيراعظم ڏئي،ملڪ جون حالتون بدتر ٿينديون پيون وڃن، وزيراعظم جو صدر کي مشورو ڏيڻ ۽ صدر جو ان تي عمل ڪرڻ لازمي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *