اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سُپريم ڪورٽ آرمي چيف جي ملازمت واري مُدي ۾ واڌ وارو حڪومتي نوٽيفڪيشن معطل ڪندي آرمي چيف ۽ ٻين واڳيل ڌُرين کي نوٽيسز جاري ڪري ڇڏيا. چيف جسٽس درخواست کي پاڻمرادي نوٽيس ۾ تبديل ڪندي چيو آهي ته هي عوامي مفادن جو مامرو آهي. سُپريم ڪورٽ ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي ملازمت ۾ واڌ واري نوٽيفڪيشن خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران اٽارني جنرل آف پاڪستان پيش ٿيو. سُپريم ڪورٽ آرمي چيف جي ملازمت جي مُدي ۾ واڌ وارو حڪومتي نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو، عدالت آرمي چيف جنرل قمرجاويد باوجود سوڌو واڳيل ڌُرين کي نوٽيسز به جاري ڪري ڇڏيا آهن. سُپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس آصف سعيد کوسه چيو آهي ته وزيراعظم کي آرمي چيف جي ملازمت واري مُدي ۾ واڌ جو اختيار نه آهي، ڪابينا کان پهرين صدر طرفان سمري منظور ڪرڻ شايد شايد قانون ۾ صحيح نه هجي. وزيراعظم ليٽر جاري ڪيو ته پوءِ کيس ٻڌايو ويو ته توهان کي اختيار نه آهي. سُپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس آصف سعيد کوسه جي سربراهيءَ ۾ جُڙيل 3 رُڪني بئنچ آرمي چيف جي ملازمت واري مُدي ۾ واڌ واري وفاقي سرڪار جي نوٽيفڪيشن خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران اٽارني جنرل آف پاڪستان پيش ٿيو. ٻڌڻيءَ دوران ريمارڪس ڏيندي چيف جسٽس آصف سعيد کوسه چيو ته آئين جي آرٽيڪل 225 تحت نئين سر مقرري جو اختيار نه آهي، توسيع جو اختيار آهي. سمري ۾ توسيع جو لفظ استعمال ڪيو ويو، جڏهن ته آرمي چيف جي نئين سر مقرري ڪئي پئي وڃي. چيف جسٽس آصف سعيد کوسه پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته صدر آرمي چيف جي ملازمت جي مُدي ۾ واڌ واري سمري جي منظوري 19 آگسٽ تي ڏني، 21 آگسٽ تي وزيراعظم ڪيئن منظوري ڏئي ڇڏي؟ سمجهه ۾ نٿو اچي ته صدر جي منظوري کانپوءِ وزيراعظم ٻيهر ڪيئن منظوري ڏني؟ جنهن تي اٽارني جنرل عدالت کي آگاهه ڪيو ته ڪابينا جي منظوري کانپوءِ وزيراعظم سمري تي صحيح ڪئي.