آرمي چيف جي مدي ۾ واڌ واري معاملي تي بيورو ڪريسي ۽ ننڍي اسٽاف کان غلطيون ٿيون آهن: شيخ رشيد

ڪراچي:(اسٽاف رپورٽر)ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ٽن سالن جي لاءِ ئي آرمي چيف رهندو. سندس ملازمت جي مدي واري معاملي ۾ بيورو ڪريسي ۽ ننڍي اسٽاف کان غلطيون ٿيون آهن.هڪ نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي شيخ رشيد احمد چيو ته جيڪي شيون ٿي رهيون آهن اهي حڪومت کي غير مستحڪم ڪرڻ لاءِ هيون. هن حڪومت کي الله کان پوءِ فوج جو وڏو سهارو آهي. هن چيو ته وزيراعظم جي خيال ۾ هڪ وڏو مافيا نوازشريف کي ٻاهر وٺي ويو. عمران خان چيو هو ته جيڪو اين آر او ڏيندو اهو غداري ڪندو. پر حالتون اهڙيون ٿي ويون جو نوازشريف کي ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏيڻي پئي. نوازشريف جي لنڊن ۾ شاپنگ ۽ کاڌو کائڻ جون تصويرون ڏسي عمران خان کي مايوسي ٿي آهي. عمران خان کي عوام احتساب جي نالي تي ووٽ ڏنا آهن. عمران خان هنن سڀني جي لاءِ چور،  ڌاڙيل، ڦورو، بي ايمان جهڙا لفظ استعمال ڪيا آهن. شيخ رشيد احمد چيو ته آرمي چيف جي ملازمت واري مدي ۾ واڌ لاءِ پارليامينٽ ۾ قانونسازي جي لاءِ اپوزيشن سان ڳالهيون ٿينديون. ڳالهيون ڪرڻ وارن کي ڳالهين جو طريقو اچڻ گهرجي. اپوزيشن وارا خوشي سان انهن جي حق ۾ ووٽ ڏيندا. جنرل قمر جاويد باجوه ٽن سالن جي لاءِ آرمي چيف ڊن آهي. 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *