راولپنڊي (م ڊ) آرمي چيف جي صدارت هيٺ جي ايڇ ڪيو ۾ سڪيورٽي بابت اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو آهي، آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي صدارت ۾ سڪيورٽيءَ بابت اعليءِ سطحي اجلاس ٿيو، ان موقعي تي آرمي چيف ڳالهائيندي چيو ته پاڪ افغان سرحد تي واڌو سڪيورٽي قدمن جو مقصد گڏيل دشمن سان وڙهڻ آهي، پاڪستان ۽ افغانستان دهشتگرديءَ خلاف بنا فرق جي جنگ وڙهي آهي، ٻئي ملڪ گڏيل طور پنهنجون ڪوششون جاري رکندا، آرمي چيف افغان سڪيورٽي فورسز جي سهڪار سان وڌيڪ بهتر بارڊر ڪو آرڊينيشن جي هدايت ڪئي، آرمي چيف جو چوڻ هو ته پاڪ افغان سرحد تي دهشتگردن ۽ ٻين عنصرن جي عير قانوني چُرپر کي روڪيو وڃي، دهشتگرديءَ خلاف نتيجا ڏيندڙ ڪوششن تي افغان عملدارن جي صلاحن جي آجيان ڪيون ٿا.