راولپنڊي(م ڊ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي سعوي عرب جي صوبي تبوڪ جي گورنر سان ملاقات ٿي. پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر موجب ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي ۽ علائقائي سيڪيورٽي جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ٻن هفت اڳ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان سعودي عرب جي نائب بچاءَ واري وزير محمد بن عبدالله ملاقات ڪئي هئي. پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان سعودي عرب جي نائب بچاءَ واري وزير جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ ملاقات ڪئي. جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي گڏيل دلچسپي جي معاملن، خطي جي سيڪيورٽي جي تازي صورتحال ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دفاعي شعبي ۾ سهڪار کي وڌيڪ وڌائڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ۽ سعودي نائب بچاءَ واري وزير محمد بن عبدالله جي وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌائڻ جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون ويون.