آرمي چيف جهاز تي حملي ۾ ملوث دهشتگرد سميت 9 خطرناڪ دهشتگردن کي موت جي سزا تي صحيح ڪري ڇڏي

راولپندي(م ڊ) چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف سومر ڏينهن وڌيڪ 9 خطرناڪ دهشتگردن جي موت جي سزا جي توثيق ڪري ڇڏي آهي. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي آءِ ايس پي آر مطابق آرمي چيف 9 دهشتگردن جي موت جي سزا جي توثيق ڪري ڇڏي آهي جيڪي دهشتگردي سان لاڳاپيل سنگين ڏوهن ۾ ملوث هئا جن ۾ بي گناهه شهرين کي قتل ڪرڻ، ليويز اهلڪارن کي مارڻ ۽ هٿياربند فورسز جي اهلڪارن تي حملا شامل آهن. انهن دهشتگردن ۾ اهي دهشتگرد پڻ شامل آهن جن پشاور ايئر پورٽ تي لينڊنگ ڪندڙ جهاز تي فائرنگ ڪئي هئي جنهن جي نتيجي ۾ هڪ عورت مارجي وئي ۽ 2 مسافر زخمي ٿي پيا هئا. اهي دهشتگرد 4 پوليس اهلڪارن جا هٿ ڪٽڻ جي ڏوهه ۾ به ملوث آهن. انهن دهشتگردن جي قبضي مان خطرناڪ هٿيار ۽ ڌماڪيدار مادا پڻ بر آمد ٿيا آهن. تفصيل موجب پهريون دهشتگرد جنهن جونالو ساجد پٽ ابراهيم خان آهي جيڪو تحريڪ طالبان پاڪستان جو سرگرم ڪارڪن هو. هو پشاور ايئر پورٽ تي لينڊنگ ڪندڙ جهاز تي فائرنگ ۽ بيگناهه شرين کي مارڻ سميت قانون لاڳوڪندڙ ادارن جي اهلڪارن تي حملن ۾ ملوث هو. ٻيو دهشتگرد جاويد خان پٽ فقير گل آهي جيڪو پڻ تحريڪ طالبان پاڪستان جو سرگرم ڪارڪن آهي، اهو پڻ بي گناهه شهرين جي قتل ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن جي قتل ۾ملوث آهي.هن عام شهري رحيم الله، سپاهي نصير احمد ۽ سپاهي باچا خان حسن کي قتل ڪيو هو ۽ حوالدار حضرت غني جي قتل ۾ به ملوث رهيو آهي. سندس قبضي مان به خطرناڪ هٿيار ۽ ڌماڪيدار مادا پڻ بر آمد ٿيا آهن. هن مئجسٽريٽ ۽ ٽرائل ڪورٽ آڏو پنهنجن ڏوهن جو اعتراف ڪيو. ٽيون دهشتگرد فضل حق پٽ شهداد آهي جيڪو پڻ ٽي ٽي پي جو سرگرم ڪارڪن هو. هن 4 پوليس اهلڪارن کي اغوا ڪري انهن جا هٿ ڪٽي ڇڏيا هئا، چوٿون دهشتگرد فضل رحمان پٽ فضل ڪريم پڻ تحريڪ طالبان پاڪستان سان لاڳاپيل هو. پنجين دهشتگرد جو نالو زاهد خان پٽ ڪتاب خان آهي جيڪو پڻ لشڪر اسلام جو سرگرم ڪارڪن هو. ڇهون دهشتگرد عمر سعيد پٽ حضرت سعيد به تحريڪ طالبان پاڪستان جو سرگرم ڪارڪن هو جيڪو پڻ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ هٿياربند فوجن جي اهلڪارن تي حملن ۾ ملوث رهيو آهي. ستون دهشتگرد رحمت پٽ اسماعيل خان به حوالدار ولي، سپاهي مٽي، لائس نائيڪ اسماعيل جي قتل ۽ ايف سي اهلڪارن کي زخمي ڪرڻ ۾ ملوث آهي. هن دهشتگرد به مئجسٽريٽ آڏو ۽ ٽرائل ڪورٽ ۾ پنهنجن ڏوهن جو اعتراف ڪيو. 8 هون دهشتگرد بخت ولي پٽ عمل خان به لشڪر اسلام جوسرگرم ڪارڪن هو جيڪو سپاهي محمد ذيشان جي قتل ۾ ملوث رهيو آهي جڏهن ته نائين دهشتگرد جو نالو نظير احمد پٽ الهداد آهي جيڪو پڻ تحريڪ طالبان پاڪستان جو سرگرم ڪارڪن آهي جنهن کي پڻ مت جي سزا ڏني وئي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *