راولپنڊي (اين اين آءِ) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته پاڪستان ۽ افغانستان کي ڊگهن تڪرارن سان ڳرو نقصان برداشت ڪرڻو پيو، آءِ ايس پي آر موجب محمد حنيف اتمر جي سربراهي ۾ وفد آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان ملاقات ڪئي، ان موقعي تي آرمي چيف چيو ته اسان کي گڏيل دشمن جي خلاف گڏجي خطي ۾ امن جو رستو ڳولڻو آهي، شڪ ۽ منفي شين کي هوا ڏيندڙ ۽ گمراهه ڪندڙن کي فائدو ڏين ٿا، آءِ ايس پي آر موجب ملاقات ۾ پاڪ افغان ٻه طرفي اعليٰ سطح تي ڳالهيون ڪيون ويون ۽ افغان مفاهمتي عمل بابت آئيڊياز شيئر ڪيا ويا، وفد ۾ افغان ڳجهي ايجنسي جو سربراهه معصوم ستانڪزئي، افغان آرمي چيف محمد شريف يفتالي ، افغان صدر جو خاص نمائندو حضر عمر زا خيلوال ۽ گهرو وزير واعظ برمڪ سميت ٻيا عملدار شريڪ هئا، پاڪستاني ڳالهين واري وفد ۾ تهمينا دولتانا به شامل هئي، ٻنهي ملڪن جي عملدارن تازو ئي طئه ٿيل افغان پاڪستان ايڪشن پلان، امن ۽ استحڪام تي عمل جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون، پاڪستان ۽ افغانستان ٻه طرفي سيڪيورٽي تعاون سميت مختلف ورڪنگ گروپ جلد قائم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو، افغان وفد تعاون بهتر بڻائڻ بابت پاڪستان جي قدمن جي ساراهه ڪئي، افغان وفد، افغاني صدر پاران آرمي چيف کي افغانستان دوري جي دعوت ڏني جيڪا هن قبول ڪري ورتي.