اسلام آباد (رپورٽر) قومي اسيمبلي کانپوءِ سينيٽ به آرمي ايڪٽ ۾ ترميم واري بل سوڌو ايئرفورس ۽ نيوي ترميمي ايڪٽس جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ بلز جي حمايت ڪئي، جڏهن ته جي يو آءِ ف، جماعت اسلامي، نيشنل پارٽي ۽ پختونخواه ميپ جا ميمبرز احتجاج بعد واڪ آئوٽ ڪري ويا. سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي جي صدارت هيٺ سينيٽ اجلاس ۾ بچاءَ واري وزير پرويز خٽڪ آرمي، ايئرفورس ۽ نيوي ايڪٽس ۾ ترميمن وارا بِلز پيش ڪيا ويا، جِن جي قومي اسيمبلي ۾ منظوري ڏني وئي هئي. اجلاس دوران قانون وارو وفاقي وزير فروغ نسيم ۽ ٻيا به موجود هئا. سينيٽ چيئرمين طرفان سوال جوابن واري سيشن کي ايجنڊا مان خارج ڪيو ۽ اُن کانپوءِ بچاءَ بابت سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي طرفان رپورٽ پيش ڪئي وئي. قومي اسيمبلي کانپوءِ سينيٽ ۾ به پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ ميمبرز ترميمي بلز جي حمايت ڪئي، جڏهن ته جي يو آءِ، جماعت اسلامي، نيشنل پارٽي ۽ پختونخواه ميپ طرفان بلز جي منظوري خلاف احتجاج ڪيو ويو. اُنهن پارٽيز جي ميمبرز ايوان ۾ ڌرڻو به هنيو، جڏهن ته حاصل بزنجو ۽ عثمان ڪاڪڙ سوڌو ٻيا اڳواڻ چيئرمين جي ڊائيس آڏو بيهي احتجاج ڪندا رهيا. اُن کانپوءِ واڪ آئوٽ ڪري هليا ويا.