آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا پاران آزاد ڪشمير رجمينٽ جو دورو، رجمينٽ جي ڪم جي ساراهه
March 30, 2017 at 2:50 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
راولپنڊي(رپورٽر) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ڪرنل ڪمانڊنٽ آزاد ڪشمير رجمينٽ جي مقرري واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي ۽ وطن جي دفاع لاءِ رجمينٽ جي ڪوششن ۽ ڪاوشن جي ساراهه پڻ ڪئي، پاڪ فوجي جي عوامي رابطن واري شعبي آءِ ايس پي آر موجب ڪرنل ڪمانڊنٽ آزاد ڪشمير رجمينٽ جي مقرري واري تقريب ۾ جنرل قمر جاويد باوجوا خاص مهمان طور شرڪت ڪئي، تقريب ۾ جنرل قمر جاويد باجوا ۽ عهدو ڇڏيندڙ ليفٽيننٽ جنرل اشفاق نديم نئين مقرر ٿيندڙ ليفٽيننٽ جنرل هدايت الرحمان کي بيج لڳايو، ان موقعي تي آرمي چيف ڪرنل ڪمانڊنٽ ليفٽيننٽ جنرل اشفاق نديم جي خدمتن جي ساراهه پڻ ڪئي، آءِ ايس پي آر موجب تقريب ۾ آرمي چيف ڳالهائيندي چيو ته ڪشمير رجمينٽ جون ملڪ لاءِ وڏيون قربانيون آهن ۽ رجمينٽ جي شهيدن ۳ هزار ۸۴۲ جي قربانين کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا.