آرمي چيف جنرل قمرجاويد باجوا جو ڪابل جي ملٽري اسپتال ۾ ٿيندڙ حملي تي افسوس جو اظهار

راولپنڊي (اين اين آءِ) آرمي چيف جنرل قمرجاويد باجوا گذريل ڏينهن ڪابل جي ملٽري اسپتال ۾ ٿيندڙ حملي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي زخمين جي پاڪستان ۾ علاج جي پيش ڪش ڪئي آهي ڊي جي آءِ ايس پي آر پاران سوشل ميڊيا تي جاري بيان مطابق سينيئر فوجي آفيسر پاڪستان ۾ مقرر افغان سفير کي ٽيليفون ڪيو ۽ پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باوجوا پاران گذريل ڏينهن ڪابل جي ملٽري اسپتال ۾ ٿيندڙ حملي تي افسوس جو اظهار ڪيو افغان سفير کي پاڪستاني آرمي چيف پاران زخمين جي پاڪستان ۾ علاج سميت هر قسم جي مدد جي پيشڪش ڪئي ويئي افغان سفير آرمي چيف جي جذبن جي ساراهه ڪندي ٿورا مڃيا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *