آرمي ايڪٽ ترميمي بل قومي اسيمبلي منظور ڪري ورتو، فوجي عدالتن جي مدي ۾ 2 سال واڌ

اسلام آباد (بيورو): اسپيڪر قومي اسيمبلي سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ آرمي ايڪٽ ترميمي بل 2017 اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو ويو، بل ۾ پيپلز پارٽي جون ترميمون شامل، جڏهن ته ايم ڪيو ايم، جمعيت علماءِ اسلام ۽ جماعت اسلامي جي تجويزن کي رد ڪيو ويو هيو، محمود خان اچڪزئي، شيخ رشيد ۽ جمشيد دستي بل جي مخالفت ڪئي، وزيراعظم نواز شريف جي موجودگي ۾ قومي اسيمبلي آرمي ايڪٽ جي ترميمن جو بل منظور ڪندي فوجي عدالتن جي مدت ۾ ٻه سال واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي، ٻئي طرف قومي اسيمبلي ميمبرن شير اڪبر، ايس اي اقبال قادري، جمشيد دستي ۽ نعيمه ڪشور طرفان ڏنل ترميمون کي به رد ڪيو ويو آهي، جي يو آءِ ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو، قومي اسيمبلي ۾ فوجي عدالتن جي مدت ۾ واڌ جو بل اڪثريت راءِ سان منظور ڪندي عدالتن جي مدت ۾ وڌيڪ ٻه سال اضافو ڪيو ويو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *