آدم شماري سنڌين جي زندگي ۽ موت جو مسئلو آھي؛شاد کوسو

ڪراچي(م ڊ)  نيشنل پارٽي شاد کوسو سنڌ جي قومي اڳواڻن گهڻ گهرن پاران 15 مارچ کان ٿيندڙ آدم شماري کي مانيٽر ڪرڻ لاءِ سنڌ آدمشماري مانيٽرنگ ڪميٽي کي فعال ڪرڻ واري عمل کي وقتائتو قدم قرار ڏيندي چيو ته  سنڌ جي ترقي ۽ خوشحالي جو دارو مدار ٿيندڙ آدم شماري تي آھي.سنڌ دوست ڌرين جو سنڌ تي سنڌين جي حق حاڪميت لاء متحد ٿيڻ سٺو سنوڻ آھي . اهڙواظهار سنڌ نيشنل پارٽي جي چيئرمين شاد کوسو ملير پپري ڀينس ڪالوني . جوهر ۽ ٻين جاين تي پارٽي جي ورڪرن قومي ڪارڪنن سان ملاقاتن  دوران ڳالهائيندي ڪيو. شاد کوسو چيو ته  آدم شماري سنڌين جي زندگي ۽ موت جو مسئلو آھي.هن چيو ته صاف شفاف آدم شماري ڪرائڻ سنڌ سرڪار جي ذميواري آھي پر سرڪار ٻين معاملب جيان آدم شماري واري معاملي تي به حسب معمول جيان ڪن لاٽار ڪري رهي آھي . سنڌ سرڪار جي خاموشي جا انتهائي خطرناڪ نتيجا نڪرندا. شاد کوسي چيو ته سنڌ ۾ 45 لک جي لڳ ڀڳ ڌاريا موجود آھن سنڌ سرڪار انهن ڌارين کي نيڪالي ڏيڻ لاء اڄ ڏينهن تائين ڪوبه اپاء ناهي ورتو تنهن ڪري اسان جو مطالبو آھي ته سنڌ جي حقيقي وارثن جي ڳڻپ کان اڳ ڌارين جي جدا ڳڻپ ڪئي وڃي ان بعد سنڌ جي اصل وارثن جي ڳڻپ ڪئي وڃي. شاد کوسي چيو ته هي پهريون ڀيرو آھي جو سنڌ جي قومي معاملن تي قومي قيادت سنڌ نيشنل پارٽي کي پاڻ سان گڏايوآھي ان تي اسين خاص طرح سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي قومي قيادت جلال محمود شاه صنعان خان قريشي. ڊاڪٽر مير عالم مري رياض چانڊيو. اعجاز ساميٽيو. نواز خان زئنور. فتاح چنو.زين شاه سميٿ سمورن سنڌ دوست ڌرين جا ٿورائتا آھيون. ان موقعي تي احمد سومرو.الطاف مهر. ماجد سيال. جنيد ملاح ۽ ٻيا اڳواڻ شاد کوسو سان گڏ ھئ

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *