ڪراچي(پ ر) سنڌ جي ترقي ۽ خوشحالي جو دارومدار ٿيندڙ آدم شماري تي آھي.سنڌ حڪومت ٿيندڙ آدم شماري کان لاتعلق بڻيل آھي.آدم شماري جي معاملي تي وقت جي حڪمرانن مام چڳائي جي ڪا اميد نه رکڻ گهرجي. تنهن ڪري سنڌ دوست ڌريون هن نازڪ معاملي تي هڪ آواز ٿي سجاڳي مهم هلائي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ واري عالمي سازش کي ناڪام بنائڻ گهرجي . اهڙو اظهارسنڌ نيشنل پارٽي جي چيئرمين شاد کوسو. پروفيسر سچل ڪلوڙ. ڊاڪٽر مجاهد اعواڻ. غلام رسول مارفاڻي. احمد سومرو. وزير بهلڪاڻي ۽ ٻين پنهنجي گڏيل بيان ۾ ڪيو.هنن وڌيڪ چيو ته ڪافي عرصي بعد 15 مارچ کان ٿيندڙ آدم شماري سنڌين جي زندگي ۽ موت جو مسئلو آھي. پر سنڌين جي ووٽن تي چونڊيل سنڌ سرڪار آدم شماري جي معاملي تي بلڪل خاموش تماشائي بڻيل آهي. سنڌ سرڪار جي مجرماڻي خاموشي جا انتهائي خطرناڪ نتيجا نڪرندا. هنن وڌيڪ چيو ته اڄ به لکين ڌاريا سنڌ ۾ رهائش پذير آھن پر سنڌ حڪومت غيرقانوني رهند ر سنڌ حڪومت غيرقانوني رهندڙ ڌارين کي نيڪالي ڏيڻ لاء ڪڏھن به سنجيدگي سان غور ناهي ڪيو. هنن چيو ته لکين ڌارين جي موجودگي ۾ ٿيندڙ آدم شماري ڪرائڻ سنڌ جي وارث سنڌين کي پنهنجي ڌرتي تي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي گهري سازش آھي. هنن وڌيڪ چيو ته اسان جو ڪنهن به ٻولي جي خلاف ناهيون.تنهن ڪري سنڌ ۾ رهندڙ بلوچن. ڪاٺياواڙين. بروهين. سرائيڪن ۽ اردوگالهائيندڙن سميت تمام ٻوليون ڳالهائيندڙ ماڻھن کي اپيل ڪريون ٿا ته اهي 15مارچ کان ٿيندڙ آدم شماري ۾ ٻولي واري خاني ۾ سنڌي لکرائي سنڌ سان عهد وفا جو وچن ورجائين.