آدمشماري کي بلاجواز تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، نواز شريف سنڌ کي خالق پاڪستان جولقب ڏنو آهي: شاهه محمد شاهه

March 26, 2017 at 11:16 pm
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

حيدرآباد(بيورو) پاڪستان مسلم ليگ(ن) سنڌ جي اڳواڻن پيپلزپارٽي مٿان سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته وزير اعظم نواز شريف پاران پ پ وارا بوکلاهٽ جو شڪار ٿي ويا آهن، نواز شريف کي سدائين سنڌ ۽ سنڌ جا ماڻهو ياد رهيا آهن، نواز شريف سنڌ جو پهريون دورو ناهي ڪري رهيو، ان کان اڳ به هو سنڌ جا دورا ڪري چڪو آهي، نواز شريف سنڌ کي خالق پاڪستان سمجهي ٿو، پ پ سنڌ جي ماڻهن کي ڪجهه به نه ڏنو آهي. اهڙو اظهار پاڪستان مسلم ليگ(ن) سنڌ جي نائب صدر شاهه محمد شاهه، جنرل سيڪريٽري سينيٽر نهال هاشمي، سليم ضياءَ، کيئلداس ڪوهستاني، شام سندر، حنيف صديقي، اڳوڻي ايم اين اي شبير الحسن انصاري، ملڪ چنگيز ۽ ٻين حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. سيد شاهه محمد شاهه چيو ته وزير اعظم ميان محمد نواز شريف حيدرآباد جي دوري تي اچي رهيو آهي، اهڙي ڳالهه ٻڌي ڪجهه ماڻهن ماڻهو واليلا ڪري ريا آهن ته نواز شريف کي سنڌ جي هاڻ ڇو ياد پئي آهي، جڏهن ته وزير اعظم هر ڀيري سنڌ کي ترجيح ڏني آهي ۽ دورا ڪندو رهيو آهي. هن چيو ته ۱۹۹۱ع واري پاڻي ٺاهه جي گڏيل مفادن واري ڪائونسل منظوري ڏني هئي، جنهن تي ان وقت آصف علي زرداري اعتراض واريو هو، وقت آيو ته آصف علي زرداري معاهدي جي تعريف ڪئي. هن چيو ته نواز ليگ پاڪستان ٽوڙڻ، اڌر تم اڌر هم جهڙا نعرا هڻندڙ پارٽي ناهي، پر پاڪستان جي سمورين قومي وحدتن کي جوڙي رکيو آهي ۽ انهن کي قومي ڌار ۾ آندو آهي. هن چيو ته نواز ليگ سنڌ جي ورهاست ڪنهن به صورت ۾ نٿي چاهي، اردو ڳالهائيندڙ سنڌي ۽ ڳالهائيندڙ پاڻ ۾ ڀائر آهن، اردو ڳالهائيندڙ سنڌين انگريزن خلاف جناح جو ساٿ ڏنو، جڏهن ته ڪي عناصر را جا ايجنٽ بڻجي مودي کان مدد وٺي رهيا آهن. هن چيو ته اڄ حيدرآباد ۾ ڪرپشن جو بابو وڏو جلوس ڪڍي رهيو آهي، پاڪستان پيپلزپارٽي سنڌ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، مهراڻ جي وادي جي ٻنهي طرفن جا رهواسي پاڻي بدران زهر پيئڻ تي مجبور آهي. هن چيو ته آدمشماري کي بلاجواز تڪراري بڻائي پٽيشنون داخل ڪيون پيون وڃن، ملڪ جي سياسي ۽ عسڪري قيادت امن جي بحالي ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ هڪ پيج تي آهن. ان موقعي تي سينيٽر نهال هاشمي چيو ته سنڌ ڀتاخورن ۽ قبضا خورن، چندا خورن جي جاگير ناهي، سنڌ نوجوانن، سياسي ڪارڪنن، هارين ۽ مزدورن جي جاگير آهي، سنڌ مان ووٽ حاصل ڪري ڪامياب ٿيندڙن کي جڏهن عوام سڏي ٿي ته ڪو دبئي ڀڄي وڃي ٿو ته ڪو وري لاهور هليو وڃي ٿو. هن چيو ته حيدرآباد شهر جي ماڻهن جن کي ووٽ ڏنو، انهن حيدرآباد جي شهرين کي لاوارث ڇڏي ڏنو آهي. هن چيو ته سياست ڪرڻ جو هر ڪنهن کي حق آهي، سياست کان ڪير ڪنهن کي نٿو روڪي سگهي. وزير اعظم جي دوري تي اعتراض ڪندڙن کي تمام گهڻي تڪليف ٿي رهي آهي. سليم ضياءَ چيو ته ۲۵ سالن کان سنڌ ۾ خون جي هولي کيڏي پئي وئي، ان عرصي دوران ڪيتريون ئي حڪومتون آيون ۽ ويون، پر ڪراچي ۾ امن نه ٿي سگهيو، نواز شريف جي اچڻ سان ملڪ ۾ دهشتگردي جي ٻن وڏن مرڪزن ڪراچي ۽ اتر وزيرستان ۾ آپريشن ڪري امن امان قائم ڪيو ويو آهي، سنڌ ۾ اڄ امن قائم ٿيو آهي، جيڪا نواز شريف جي ڪاميابي آهي. هن چيو ته اسان جي دوستن کي هاڻ نواز شريف ياد رهيو آهي، ان کان اڳ هو ڪنهن ٻئي هنڌ ڏسي رهيا هئا. نواز ليگ اڳواڻن چيو ته نواز شريف حيدرآباد ۾ ڪو وڏو عوامي جلسو نه پر صرف پارٽي ڪارڪنن، واپارين، وڪيلن ۽ صحافين سان ملاقاتون ڪرڻ اچي رهيو آهي، جڏهن ته جلد ئي حيدرآباد جي تاريخ جو سڀ کان وڏو جلسو ٿيندو، ان کانسواءِ هن وقت مختلف پارٽين جا ماڻهو نواز ليگ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ رابطن ۾ آهن. هنن چيو ته نواز شريف حيدرآباد جي لاءِ تمام اهم پيڪيج جو اعلان ڪندو، جيڪو حيدرآباد شهرين جي خوشين جو سبب بڻجندو.