آدمشماري: ٽئين ڌر کان آڊٽ نه ڪرائڻ تي پيپلز پارٽي جو خدشن جو اظهار

اسلام آباد(بيورو) پاڪستان پيپلز پارٽي آدم شماري 2017 ع جي 5 سيڪڙو بلاڪن جي ٽئين ڌر کان آڊٽ ڪرائڻ بابت معاهدي تي عملدرآمد نه ٿيڻ تي خدشن جو اظهار ڪيو. ان حوالي سان پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ تاج حيدر پنهنجي بيان ۾ چيو ته آدم شماري 2017ع تي بڻايل سينيٽرن جي نگران ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت کان پوءِ کيس مايوسي ٿي. هن ٻڌايو ته پاڪستان مسلم ليگ ن جي راجا ظفر الحق جي سربراهي ۾ ٿيل ان اجلاس ۾ ان ڳالهه تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو ته سنڌ جي ماڻهن جي حق جي صحيح طريقي سان انگن اکرن بدران کين چيڀاٽيو ويو. تاج حيدر طرفان چيو ويو ته ڪميٽي اجلاس ۾ انگ اکر ڊويزن جي فوجي اختيارين کي اندر اچڻ جي اجازت ڏني وئي پر ميڊيا کي ان جي ڪوريج کان روڪيو ويو. هن چيو ته سنڌ جي خلاف ان سازش کي پهرين ئي سموريون سياسي پارٽيون رد ڪري چڪيون آهن ۽ وزير اعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ٿيو ته صوبي جي هر رهائشي کي شمار ڪرڻ جي لاءِ حقيقي طريقيڪار جي معاهدي تي عمل ڪيو وڃي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *