اسلام آباد (بيورو): بين الصوبائي رابطا ڪميٽي جي اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته وفاقي حڪومت آئين جي آرٽيڪل 158 تي عملدرآمد ڪري، هن چيو ته 3 صوبا متفق آهن ته قدرتي وسيلا جنهن صوبي ۾ پيدا ٿين، انهن تي پهريون حق انهيءَ صوبي جو آهي، هن چيو ته مرڪزي حڪومت معاملي کي منجهائي ڇڏيو آهي، سيد مراد علي شاهه چيو ته آدمشماري جو ڊيٽا صوبن کي ڏنو وڃي ته جيئن فني ڪميٽيون جائزو وٺي سگهن، هن چيو ته ايل اين جي درآمد جو مسئلو گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ طئي ڪيو ويندو.