نواب شاھ (ھ آ)صوبائي وزير پاپوليشن ويلفيئر ممتاز جکراڻي چيوآهي ته آبادي ۾ اضافي جو مسئلو ايٽم بم جي طرح آهي سنڌ ۾ روزانو 3 هزار ٻار پيدا ٿين ٿا جڏهن ته روزانو 7 هزار ماڻهون ٻين صوبن مان اچن ٿا اهڙن خيالن جو اظهارهن اڄ پاپوليش ويلفئير کاتي شهيد بينظيرآباد ڊويزن جي آفيسرن جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته کاتي ۾ ڊاڪٽرن ۽ عملي جي کوٽ کي دور ڪرڻ لاءِ مقامي بنيادن تي ڪانٽريڪٽ تي عملو ڀرتي ڪيو ويندو هن چيو ته عملي جي تربيت لاءِ جيڪب آباد،نوابشاھ،عمرڪوٽ ۽ مٺي ۾ ريجنل ٽريننگ انسٽيٽيوٽ قائم ڪيا پيا وڃن هن چيو ته آبادي جي اضافي کي روڪڻ لاءِ پي پي ايڇ آئي سان معاهدو ڪيو ويندو آبادي جي اضافي جي سبب صحت،روزگار ۽ عوام جي معاشي حالتن تي اثر پوي ٿو ان موقع تي پاپوليشن کاتي شهيد بينظيرآباد،سانگهڙ ۽ نوشهروفيروز جي آفيسرن پنهنجي ڪارڪردگي ۽ مسئلن جي باري ۾ آگاھ ڪيو ان موقع تي ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي وزير چيو ته وزيراعلى سنڌ جي ذاتي ڪوششن سان ڪراچي سرڪلر ريلوي کي سي پيڪ ۾ شامل ڪيو ويو آهي هن چيو ته ڪراچي ملڪ جو معاشي حب آهي ان کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي هن چيو ته ميل سوشل موبائيلزر جي پگهار تمام گهٽ آهي جنهن ۾ واڌ ڪئي ويندي هن چيو ته آدم شماري جو مسئلو سنڌ لاءِ موت ۽ زندگي جو مسئلو آهي ڇاڪاڻ ته صوبن جا وسائل آدم شماري جي بنياد تي ملن ٿا ان موقع تي ڊپٽي ڪمشنر شهيد بينظيرآباد محمدنعمان صديق ۽ ٻيا آفيسر موجود هئا.