اسلام آباد(بيورو) چيف جسٽس آف پاڪستان جو چوڻ آهي ته ڊيم کان پوءِ سڀ کان اهم ڪم آبادي کي ڪنٽرول ڪرڻ آهي جڏهن ته آبادي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ لانگ مارچ لاءِ به تيار آهيان. سپريم ڪورٽ ۾ آبادي ۾ واڌ تي پاڻمرادي نوٽيس ڪيس دوران ريمارڪس ڏيندي چيف جسٽس ثاقب نثار جو چوڻ هو ته انسانن جا گهربل وسيلا گهٽ ٿي رهيا آهن، ملڪ ۾ پاڻي تيزي سان گهٽ ٿي رهيو آهي، پاڻي گهٽ ۽ پيئڻ وارا وڌي رهيا آهن. ڊيم کان سڀ کان اهم ڪم آبادي کي ڪنٽرول ڪرڻ آهي پر آبادي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ مناسب مهم نه پئي هلائي وڃي. چيف جسٽس جو چوڻ هو ته 30 سالن بعد 45 ڪروڙ عوام کي سهولتون ڪيئن ڏينداسين، ذميواري پور نه ڪئي ته اسان جو ايندڙ نسل ڏوهاري هوندو جڏهن ته پنهنجي ٻارن کي چوڻو پوندو ته ٻار ٻه ئي سٺا، پاڻ روڊ تي بيهي آگاهي ڏيندس ۽ لانگ مارچ جي لاءِ به تيار آهيان. ٻئي پاسي ٻڌڻي دوران عدالتي حڪم تي قائم ڪميٽي آبادي ۾ واڌ بابت سفارشون به پيش ڪيون جنهن تي چيف جسٽس چيو ته ٻن هفتن بعد عدالت سيمينار رٿيندي جنهن ۾ وڏن وزيرن سميت اعليٰ اختياريون شرڪت ڪنديون جڏهن ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون سفارشن تي جواب جمع ڪرائن ۽ سموريون سفارشون ٽي وي چينلن تي نشر ڪرڻ جو حڪم ڏئي رهيا آهيون.