ڪراچي(م ڊ) ڪراچي ۾ جاري عالمي دفاعي نمائش آئيڊياز 2018ع جو اڄ ٽيون ڏينهن آهي، جنهن دوران ملڪي هوائي فوج جي ڪانفرنس رٿي ويندي ۽ هٿياربند فوج طرفان دهشتگردي جي خاتمي واري شو جو عملي مظاهرو ڪيو ويندو جڏهن ته شام ۾ سي ويو تي ايئر شو پڻ رٿيو ويندو. عالمي دفاعي نمائش آئيڊياز 2018ع جي ٽئين ڏينهن قومي هوامي فوج جي جاچ بابت موضوع تي ڪانفرنس ٿيندي، جنهن جو خاص مهمان ايئر چيف مارشل مجاهد انور خان هوندو. نمائش جي ٽئين ڏينهن ٽئي هٿياربند فوجون دهشتگردي جي خلاف عملي مظاهرو به ڪنديون. شام ۾ سي ويو تي شاندار ايئر شو ٿيندو، جنهن جو خاص مهمان سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه هوندو.