آئيڊياز سان نه رڳو دفاع جي شعبي ۾ ٿيندڙ ايمرجنگ ٽيڪنالاجي ترقي کي ڏسڻ جو موقعو مليو آهي؛وڏو وزير

ڪراچي (هه آ)  سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته آئيڊياز سان نه رڳو دفاع جي شعبي ۾ ٿيندڙ ايمرجنگ ٽيڪنالاجي ترقي کي ڏسڻ جو موقعو مليو آهي پر انهيءَ سان باهمي تجارت ۽ تعاون جي فضا کي هٿي ڏيڻ جا جوڳا موقعا مليا آهن. هن اها ڳالهه اڄ آئيڊياز ڪراچي ائير شو جنهن جو اهتمام نشانِ پاڪستان سي ويو تي ڪيو ويو کي خطاب ڪندي ڪئي. هن ايونٽ ۾ شرڪت ڪندڙن جنهن گهڻي محنت ۽ لگن سان پرفارم ڪيو کي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته اڄ اسان جو يقين وڌيڪ پختو ٿي ويو آهي ته اسان جي هٿياربند فوجون هر قسم جي چيلينج ۽ خطرن کي نه فقط منهن ڏئي سگهن ٿا پر ان کي ناڪام بڻائڻ جي صلاحيت پڻ رکن ٿا. هن سڀني اسٽيڪ هولڊرز سميت پاڪستان نيوي کي آئيڊياز 2018 جي ڪامياب ڪوٺائڻ تي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته نمائش ۾ شرڪت لاءِ اسان جا دوست ملڪن مان ايندڙ مهمانن جي هتي موجودگي اسان سڀني لاءِ قابل فخر ۽ اعزاز جوڳي ڳالهه آهي. هن چيو ته آئيڊياز 2018 جي ڪامياب ڪوٺائڻ سان پوري دنيا کي اهو پيغام ويندو ته پاڪستان هڪ پرامن ۽ محبت ڪندڙ جمهوريت پسند ملڪ آهي. مراد علي شاهه چيو ته دفاعي نمائش آئيڊياز، دفاعي هٿيارن ۽ مشينري جي نمائش لاءِ هڪ پليٽ فارم آهي. هن چيو ته آئيڊياز سان نه فقط اهو ته دفاع جي شعبي ۾ ايمرجنگ ٽيڪنالاجي ترقي ڏسڻ جو موقعو آهي بلڪه انهيءَ سان باهمي تجارت ۽ تعاون جي فضا کي هٿي ملي آهي. هن چيو ته اسان جو چائنا سان ڳانڍاپو 70 سالن تي ٻڌل آهي جيڪو اڄ نئين بلندين ۽ جهتن کي ڇُهي رهيو آهي. هن چيو ته سي پيڪ تي ڪم ڀرپور طريقي سان جاري آهي ۽ انهيءَ سان خطي بالخصوص پاڪستان ۾ تجارت جي سرگرمين کي هٿي ملندي. هن چيو ته پاڪستان نيوي جي بهترين ڪارڪردگي ۽ ذميداراڻي صلاحيتن ڪارڻ گوادر بندرگاه جي قيام کي حقيقت ملي. هن چيو ته پختو يقين آهي ته پاڪستان جي مسلح فوج پنهنجيون سمورين ذميواريون احسن طريقي ۽ محنت سان ادا ڪندي. هن چيو ته تقريباً ڏيڍ ڏهاڪي کان وڌيڪ عرصي کان پاڪستان دهشتگردي جي خلاف هڪ ڊگهي جنگ وڙهي آهي ۽ دهشتگردي جو خاتمو آندو آهي ۽ پاڪستان ڪيترائي آپريشن ڪيا آهن. هن چيو ته اسان جي ملڪ جو امن ۽ خوشحالي جو دهشتگردن ۽ انهن جي ماسٽرن هاءِ جيڪ ڪرڻ ڪوشش ڪئي آهي پر اسان جي دفاعي فوج جنهن پٺيان پوري قوم بيٺي آهي انهيءَ بهادري سان انهن جو مقابلو ڪيو آهي ۽ انهن ملڪ ۾ امن کي بحال ڪيو آهي. وڏي وزير چيو ته هن کي پختو يقين آهي ته امن کي يقيني بڻائڻ لاءِ هن ملڪ جي هر هڪ شهري ۽ اداري دل ۽ جان سان پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. مراد علي شاهه چيو آهي ته حڪومت ۽ دفاعي فوجون مادرِ وطن جي نظرياتي ۽ ملڪي حدن جو ملڪي حفاظت لاءِ گڏجي ڪم ڪم ڪري رهيا آهن. هن چيو ته آئون اهو چوڻ چاهيان ٿو ته پاڪستان قدرتي وسيلن سان مالامال آهي ۽ هنرمند ۽ محنتي نوجوان ملڪ جي ڪاز لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن. وڏي وزير پنهنجي تقريب جي پڄاڻي ۾ قائداعظم محمد علي جناح جي اپريل 1948 تي ڪيل تقرير جو حوالو ڏنو جيڪو هن پنجاب مشين گن ريجمنٽ پشاور جو دورو ڪندي ڪئي هئي ته ”مونکي ڪامل يقين آهي ته جڏهن توهان کي پنهنجي ملڪ ۽ قوم جي دفاع لاءِ سڏايو ويندو ته اوهان سڀ پنهنجي ابن ڏاڏن جيان هڪ سِٽ ۾ بيهي رهندا. مونکي پختو يقين آهي ته اوهان مان هر هڪ سائي جهنڊي کي مٿانهون لهرائيندو ۽ مونکي يقين آهي ته اوهان هن ملڪ ۽ قوم لاءِ فخر جوڳا آهيو.“

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *