لاهور (م ڊ)لاهور هاءِ ڪورٽ ’’عورت مارچ‘‘ جي حوالي سان داخل ڪيل درخواست کي اڪلائيندي چيو ته ’’آئين ۽ قانون موجب عورت مارچ کي نٿو روڪي سگهجي‘‘.لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ عورت مارچ خلاف داخل ڪيل درخواست تي ٻڌڻي ٿي.ٻڌڻي دوران درخواست گذار اظهر صديقي، سندس ساٿي وڪيل ۽ عورت مارچ جي انتظاميا جو وڪيل ثاقب جيلاني پيش ٿيو جڏهن ته ٻڌڻي دوران پوليس عدالتي حڪمن تي پنهنجي رپورٽ پيش ڪئي جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته پوليس عورت مارچ کي فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪندي.پنهنجي تحريري رپورٽ ۾ پوليس ٻڌايو ته مختلف سول سوسائٽي جي ميمبرن جا اعتراض ٻڌا ۽ ڪنهن کي به عورت مارچ تي اعتراض نه هو پر ڪجهه ماڻهن کي عورت مارچ جي طريقيڪار تي خدشا آهن.ٻڌڻي دوران عورتن جي وڪيل ثاقب جيلاني عدالت کي ٻڌايو ته انتظاميا اها گارنٽي ڏيڻ لاءِ تيار آهي ته قانون ۽ آئين جي ابتڙ ڪو قدم نه کنيو ويندو.چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته درخواست گذار کي به عورت مارچ جي منعقد ٿيڻ تي ڪو اعتراض ناهي ۽ انتظاميا ۽ شريڪن کي آئين ۽ قانون جي اندر رهي عورت مارچ ڪرڻ گهرجي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ گهرجي ته سلوگن (نعرا) نه هوندا.عورتن جي وڪيل پاران جواب ڏيڻ بعد عدالت پنهنجا رمارڪس ڏنا ته آئين ۽ قانون موجب عورت مارچ کي نٿو روڪي سگهجي، جنهن بعد عدالت ضلعي انتظاميا، پوليس، مارچ انتظاميا کي هدايت ڪئي ته مارچ ۾ ڪنهن به طريقي جا غير اخلاقي سلوگن نه هجڻ گهرجن.