آئين جي تحت اختيار وفاق ۽ صوبن ۾ برابر ورڇ ڪيا وڃن: رضا رباني

May 4, 2017 at 3:08 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

اسلام آباد (اين اين آءِ) سينيٽ جي چيئرمين ميان رضا رباني چيو آهي ته 18هين ترميم موجود آهي جڏهن ته عملدرآمد نه پيو ڪيو وڃي هڪ مضبوط ۽ وفاق اڄ به صوبن تي حاوي آهي جنهن کي گئس ۽ بجلي جو ڪنٽرول حاصل آهي هو بينظير وومين يونيورسٽي پشاور ۾ پاڪستان ۾ وفاقيت جي عنوان سان ڪوٺايل قومي ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو سينٽ جي چيئرمين چيو ته پاڪستان ۾ اڄ به هڪ مزدور وفاق صوبن تي حاوي آهي 18هين ترميم جي تحت اختيار صوبن کي منتقل ڪيا ويا جڏهن ته اڄ به اهو نظام موجود آهي جنهن ۾ 100 سيڪڙو اختيار وفاق وٽ آهن آئين مطابق 50 سيڪڙو وسيلا ۽ اختيار صوبن ۽ 50 سيڪڙو وفاق وٽ هجڻ گهرجن هن چيو ته ضياءالحق شاگرد تنظيمن تي پابندي لڳائي رياستي فيصلي تحت سوچ علم لٽريچر شيروشاعري کي ختم ڪيو ويو اڄ هڪ خال پيدا ٿي ويو آهي جنهن سان شدت پسندي جنم وٺي رهي آهي. تقريب ۾ وائيس چانسلر شهيد بينظير ڀٽو وومين يونيورسٽي جي پروفيسر ڊاڪٽر ضياء سلطانه يونيورسٽي آف پشاور جي پروفيسر ڊاڪٽر اعجاز خان سميت فئڪلٽي جا ميمبر ۽ شاگردن جو وڏو انگ موجود هو.

اي پيپر