آئين جي آرٽيڪل 158 تحت صوبي ۾ پيدا ٿيندڙ گيس تي پهريون حق صوبي جي ماڻهن جو آهي؛وڏو وزير

ڪراچي (هه آ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ 2800 ايم ايم سي ايف ڊي گيس پيدا ڪندو آهي جنهن مان 1000 ايم ايم سي ايف ڊي گيس ٻين صوبن ڏانهن منتقل ڪئي ويندي آهي جڏهن ته صوبي جي صنعتي علائقن ۾ لوڊشيڊنگ ڪئي ويندي آهي. هن چيو ته اهو غيرآئيني عمل آهي ۽ اهڙي ريت صوبي جي ماڻهن کي وڏو مالي نقصان پهچي رهيو آهي. هن اها ڳالهه اڄ اسلام آباد ۾ سي سي آءِ جي ٿيندڙ اجلاس بابت تياريءَ لاءِ وزيراعليٰ هائوس ۾ رٿيل اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. اجلاس ۾ وڏي وزير جي خاص معاون آءِ پي سي نواب تيمور ٽالپور، چيف سيڪريٽري سنڌ رضوان ميمڻ، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري سهيل راجپوت، سيڪريٽري انرجي آغا واصف، ناڻي وارو سيڪريٽري حسن نقوي، يونيورسٽيز اينڊ بورڊز وارو سيڪريٽري محمد حسين سيد، سيڪريٽري ليبر رشيد سولنگي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سي سي آءِ واري اجلاس ۾ سنڌ جي جن مامرن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي اهي هي آهن، صوبائي هائير ايجوڪيشن ڪميشن، ايل اين جي درآمد، گيس پيدا ڪندڙ گيس فيلڊ جي 5 ڪلوميٽرن جي دائري ۾ ايندڙ ڳوٺن کي گيس فراهم ڪرڻ، فسڪل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جوڙڻ، نيشنل واٽر پاليسي، اي او بي آءِ ۽ ورڪرز ويلفيئر فنڊ جي ڊيويليوئيشن جو اسٽيٽس شامل آهن. آئين جو حوالو ڏيندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته آئين جي آرٽيڪل 158 تحت صوبي ۾ پيدا ٿيندڙ گيس تي پهريون حق صوبي جي ماڻهن جو آهي ۽ ان جي استعمال مان حاصل ٿيندڙ فائدي تي پڻ صوبي جو حق آهي پر ماڻهن کي اهو حق نه پيو ڏنو وڃي. هن چيو ته سنڌ صوبي ۾ 2800 ايم ايم سي ايف ڊي گيس پيدا ٿيندي آهي جيڪا صوبي ۾ بجلي جي پيداوار، گهريلو ۽ صنعتي مقصدن لاءِ استعمال ٿيڻ گهرجي پر ان 2800 ايم ايم سي ايف ڊي مان 1000 ايم ايم سي ايف ڊي کان وڌيڪ گيس ٻين صوبن کي ڏني ويندي آهي. هن چيو ته صوبي ۾ هزارين ڳوٺ اهڙا آهن جتي گيس ۽ بجلي نه آهي. صوبي جي صنعتي علائقن ۾ گيس جي لوڊشيڊنگ بحال ٿي وئي آه

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *