آءِ جي ڪليم امام پاڻ تڪراري آهي، پوليس ۾ ايم پي اي ۽ صحافي جي قاتلن کي به گرفتار ڪرڻ جي اهليت ۾ نه آهي: مراد علي شاهه

سيوهڻ/ڀان سيد آباد (نمائندن وٽان) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه وفاقي سرڪار تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته وزيراعظم آءِ جي سنڌ ڪليم امام کي هٽائڻ واري واعدي تي يوٽرن وٺي ويو. پوليس ۾ ايتري به اهليت نه آهي جو ايم پي اي شهناز انصاري ۽ صحافي عزيز ميمڻ جا قاتل گرفتار ڪري. سيوهڻ ۽ ڀان سيد آباد جي مختلف علائقن ۾ دوري دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته وفاقي سرڪار قرض وٺي ملڪ کي ويتر قرضي بڻائي ڇڏيو آهي، وفاقي حڪمرانن جي ڳالهين تي ڪوبه اعتبار نه آهي، هي حڪومت مدو پورو نه ڪري سگهندي. منڇر ڍنڍ جي بدحالي ۽ تباهيءَ جي حوالي سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته منڇر جي بحاليءَ لاءِ فزيبلٽي رپورٽ ٺاهڻ جي هدايت ڪئي وئي، پر هيل تائين جيڪي رپورٽس مليون، اُهي اطمينان جوڳيون نه آهن. هن چيو ته سمورن آبادگارن تائين بارداڻو پهچائڻ کي يقيني بنائڻ لاءِ مڪينزم تيار ڪيو پيو وڃي، ڪڻڪ جي خريداري جا اگهه اڃا تائين مقرر نه ٿيا آهن. وڏي وزير جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ وارن جون ڳالهيون هڪ ڪن کان ٻڌي ٻئي ڪن مان ڪڍي ڇڏيندا آهيون، هُنن سنڌ حڪومت کي ڪيرائڻ ۽ کيس گرفتار ڪرائڻ جون ڳالهيون ڪيون، مون کي ڪيترا ڀيرا جيل موڪلي چڪا آهن؟ سنڌ جي عوام پيپلز پارٽي کي مينڊيٽ ڏنو آهي ۽ 2018ع ۾ سندن پارتي کي سڀ کان وڌيڪ سيٽس مليون. وڏي وزير عمرڪوٽ جي تڪ پي ايس 52 تي ايس ايس پي تبديل ڪرڻ لاءِ آءِ جي طرفان اليڪشن ڪميشن کي لکيل خط جي حوالي سان به سوالن جا جواب ڏنا. سندس چوڻ هو ته آءِ جي سنڌ ڪليم امام جي خط واري معاملي تي چيف اليڪشن ڪميشنر سان سندس ڳالهه ٻولهه ٿي وئي آهي. آءِ جي ڪليم پاڻ تڪراري آهي، وزيراعظم آءِ جي سنڌ کي تبدي ڪرڻ جو واعدو ڪيو پر اُن تي به يوٽرن وٺي ويو. ايم پي اي شهناز انصاري ۽ صحافي عزيز ميمڻ جي قتل وارن واقعن تي به پوليس جي ڪارڪردگي مطمئن ڪندڙ نه آهي. ٻنهي واقعن ۾ جيڪي به ملوث آهن، اُنهن کي گرفتار ڪيو وڃي، پر پوليس ۾ ايتري اهليت نه آهي جو قاتلن کي گرفتار ڪري سگهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *