نوشهروفيروز (رپورٽر) پيپلز پارٽي ايس ايس پي نوشهروفيروز خلاف جاچ جو مطالبو ڪندي ايم پي اي شهناز انصاري جي قتل کي سياسي قرار ڏئي ڇڏيو. نوشهروفيروز ۾ پ پ ايم پي اي شهناز انصاري جي جنازي نماز ۾ شرڪت ۽ پونيئنر سان تعزيت بعد پ پ سينيٽر عاجز ڌامراهه پريس ڪانفرنس ڪئي. عاجز ڌامراهه چيو ته شهناز انصاري جي قتل کي سياسي قرار ڏيندي چيو ته هڪ سازش تحت گهرڀاتين جي سامهون کيس ٽارگيٽ ڪيو ويو. ايم پي اي شهناز انصاري کي قتل جون ڌمڪيون مليون هيون ۽ سيڪيورٽي لاءِ سندس خط منظرعام تي به اچي ويو آهي، خبر ناهي ته ايس ايس پي خط کي الائي ڇو درخواست نٿو سمجهي. هُن ايس ايس پي نوشهروفيروز خلاف جاچ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته آءِ جي سنڌ کي پ پ مخالف سياست مان واندڪائي نه آهي جو ايس ايس پي نوشهروفيروز جي تڪراري بيان جو نوٽيس وٺي ۽ کائنس پُڇاڻو ڪري. ايم پي اي شهناز انصاري جي قتل ۾ پوليس مان انصاف جي اُميد نه آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ پ پ سينيٽر چيو ته آءِ جي سنڌ ڪليم امام تڙيون ڏيندو آهي ته کيس ڪير به تبديل نٿو ڪري سگهي، ٻين پ پ اڳواڻن کي به قتل جون ڌمڪيون مليل آهن ۽ ڪيترائي ڀيرا چوڻ باوجود اُنهن کان سيڪيورٽي واپس ورتي وئي.