آءِ جي کي عهدي تي رکڻ يا نه رکڻ جو اختيار سنڌ حڪومت وٽ آهي: سعيد غني

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پ پ اڳواڻ سعيد غني چيو آهي ته آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا کي عهدي تي رکڻ يا نه رکڻ جو اختيار سنڌ حڪومت وٽ آهي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران عدالتي فيصلي تي ڳالهائيندي سعيد غني چيو ته اهو فيصلو سنڌ حڪومت کي ڪرڻ گهرجي ته اي ڊي خواجا کي آءِ جي پوليس رکڻو آهي يا نه، ڇو ته اهو اختيار سنڌ حڪومت وٽ آهي. هن چيو ته اي ڊي خواجا جي آءِ جي حيثيت سان مقرري تي ڪنهن به سنڌ حڪومت جي واکاڻ نه ڪئي، هاڻ ائين لڳي رهيو آهي ته سنڌ هڪ ڌار علائقو آهي، جتي قانون الڳ آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *