اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) گهرو ۽ احتساب وارن معاملن بابت وزير اعظم جي خاص مددگار شهزاد اڪبر جو چوڻ آهي ته آءِ جي سنڌ کي اغوا ڪيو ويو ته هنن ايف آءِ آر داخل ڇو نه ڪرائي.اسلام آباد ۾ سڌُ سماءَ سماءَ واري وفاقي وزير شبلي فراز سان گڏ پريس ڪانفرنس دوران شهزاد اڪبر چيو ته ملڪ ۽ قوم جي بدنامي لاءِ سياسي سرڪس لڳايو ويو آهي، بلاول ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز گڏجي راند پيا کيڏن، ڪراچي ۾ڪجهه ڏينهن اڳ قائد اعظم جي مزار تي هنگامو ۽ نعريبازي ٿي، ان حوالي سان تحريڪ انصاف درخواست ڏني، تحريڪ انصاف جو ڪردار ان حد تائين هو جو اسان درخواست ڏني ته ڪارروائي ڪئي وڃي. هڪ لمحي لاءِ به اسان ڪنهن سان ناهي ڳالهايو.گهرو صلاحڪار چيو ته صبح خبر پئي ته پوليس ايف آءِ آر به داخل ڪري ورتي ۽ ڪيپٽن ريٽائرڊ صفدر به گرفتار ٿيو، جيڪا شئي ڪيمرا جي اک ۾ سڀني جي آڏو آئي ته سنڌ پوليس جي گاڏين ۾ ضمانت جوڳي ڏوهه ۾ کڻي ويا. جيڪڏهن اِهو ڪم اسان کي ڪرڻو هجي ها ته اسان ضمانت جوڳي قلم تحت درخواست نه ڏيون ها، ان کان پوءِ محمد زبير ڳالهايو، سنڌ پوليس جو ٽوئيٽر بيان آيو ته ڪارروائي قانون جي موجب ڪئي وئي، بعد ۾ سنڌ پوليس پنهنجو بيان هٽايو. سڀ ڄاڻن ٿا ته سنڌ پوليس کس حڪم مٿان مليا آهن.آءِ جي اغوا ٿيو ته ايف آءِ آر داخل ڇو نه ڪرائي:شهزاد اڪبر چيو ته سوال اِهو پيدا ٿو ٿئي ته آءِ جي سنڌ کي وفاقي اداري جا اهلڪار کڻي ٿا وڃن پر مراد علي شاهه پنهنجي ڪانفرنس ۾ ڪنهن تي ڪو به الزام نٿو هڻي، آءِ جي سنڌ کي اغوا ڪيو ويو ته هن ايف آءِ آر داخل نه ڪرائي، اِهو ڪهڙي قسم جو آءِ جي آهي جنهن ايف آءِ آر داخل ناهي ڪرائي، آءِ جي انهن جا نالا وٺي جن کيس اغوا ڪيو، سنڌ حڪومت جي انڪوائري جي اعلان بعد وڌيڪ اعلان جي ضرورت ناهي، آءِ جي اغوا ٿيو ته ان جو پرچو به سنڌ کي ئي ڪٽڻو آهي، سنڌ جو وڏو وزير ٻڌائي ته هن کي ڪهڙي وفاقي وزير فون ڪئي.
عقل جا انڌا انصاف واري عالمي عدالت جو فيصلو پڙهن:
احسن اقبال ۽ شاهد خاقان عباسي تي تنقيد ڪندي شهزاد اڪبر چيو ته اڄ وري (ن) ليگي ٺڳ ڪلڀوشن جو نالو ورتو آهي، ڪوڙن جي پروفيسر چيو ته حڪومت ڀارتي ايجنڊا کي فائدو ڏيندي آهي، اسان عالمي عدالت جي فيصلي موجب قدم کڻي رهيا آهيون، ڪلڀوشن جي باري ۾ ڳالهائيندڙ عقل جا انڌا انصاف واري عالمي عدالت جو فيصلو پڙهن.