آءِ جي سنڌ جي عهدي وارو مامرو، عدالت اي ڊي خواجا کي ڪم جاري رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

ڪراچي(م ڊ) سنڌ هاءِ ڪورٽ آءِ جي سنڌ الهه ڏنو خواجا کي پنهنجي عهدي تي ڪم جاري رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت اي ڊي خواجا جي عهدي ۾ ٦ ڏينهن تائين واڌ ڪري ڇڏي، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ۲ رڪني بينچ آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا کي عهدي تان هٽائڻ واري درخواست جي ٻڌڻي ڪئي، ان موقعي تي درخواست گذار جي وڪيل بيرسٽر فيصل پنهنجا دليل ڏيندي چيو ته ڪنهن به هنگامي صورتحال هجڻ جي باوجود اي ڊي خواجا کي پنهنجي عهدي جو مدو پورو ٿيڻ کان بغير نه ٿو هٽائي سگهجي، هن چيو ته پوليس جي آرڊر ۾ به آءِ جي جي عهدي جو عرصو ۳ سال آهي، جڏهن ته رولز آف بزنس ۾ به آءِ جي لاءِ ۵ سالن جي حد مقرر آهي، جنهن تي عدالت آءِ جي سنڌ جي عهدي ۾ ٦ ڏينهن واڌ ڪري ڇڏي ۽ آءِ جي سنڌ کي پنهنجي عهدي تي ڪم جاري رکڻ جو حڪم پڻ ڏئي ڇڏيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *