آءِ جي سنڌ جي حڪم تي پرڏيهين خلاف آپريشن جاري، ڪيترائي گرفتار

ڪراچي(م ڊ) آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا جي حڪم تي پرڏيهين خلاف آپريشن جاري آهي، جن جي نتيجي ۾ ڪيترائي پرڏيهي گرفتار ۽ ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. آءِ جي سنڌ جي حڪم تي صوبي ۾ پرڏيهين خلاف آپريشن جاري آهي، 2 ٻن ۾ ڪريڪ ڊائون دوران ڪيترائي پرڏيهي گرفتار ۽ ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. آءِ جي سنڌ حڪم جاري ڪندي چيو ته هلندڙ واقعن کي نظر ۾ رکندي سيڪيورٽي بندوبست سخت ڪيا وڃن، اهم ماڳن جي لاءِ مسلسل سيڪيورٽي بندوبست ڪيا وڃن. اي ڊي خواجا خميس ۽ جمعي تي پوليس کي خاص طور تي الرٽ رهڻ جي هدايت ڪئي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *