آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه کي هٽائڻ بابت درخواست تي فيصلو محفوظ، ڪم جاري رکڻ جي هدايت
May 31, 2017 at 6:30 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
ڪراچي( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا کي عهدي تان هٽائڻ واري واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪندي ايندڙ حڪم تائين کيس ڪم جاري رکڻ جي هدايت ڪئي آهي. آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا کي سندس عهدي تان هٽائڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. عدالت درخواستگذار جي وڪيل فيصل صديقي ايڊوڪيٽ جنرل، آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا جي وڪيل سميت ٻيا پيش ٿيا، درخواستگذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته سنڌ حڪومت آءِ جي سنڌ پويان پئجي وئي آهي، جڏهن ته آءِ جي اي ڊي خواجا کي مقرر ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت ئي سندس نالو وفاق ڏانهن اماڻيو هو، انڊين سپريم ڪورٽ به پوليس چيف کي مقرر وقت کان پهريان عهدي تان هٽائڻ کان منع ڪيل آهي، ڇا سنڌ حڪومت کي سينيورٽي جنوري ۽ ڊسمبر ۾ ياد نه آئي جو هاڻي سينيورٽي جون ڳالهيون ڪيو پيون وڃن سندس وڌيڪ چوڻ هو ته سنڌ حڪومت جي جواب ۾ تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته انيتا تراب ڪيس رولز آف بزنس کان مختلف ڳالهه ڪري ٿو . پر اهو غلط تاثر آهي. عدالت ايڊوڪيٽ فيصل صديقي جا دليل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ آءِ جي سنڌ جو فيصلو محفوظ ڪندي ايندڙ حڪم تائين کيس ڪم جاري رکڻ جي هدايت ڪئي آهي.