ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا چيو آهي ته آءِ جي سنڌ آهيان، ڪو ڪلارڪ ناهيان، هن چيو ته ڊي آءِ جي ٽرئفڪ منهنجي مرضي بنا لڳايو ويو، اصل مسئلو اختيارن جو آهي، صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولههڪندي هن چيو ته مان آءِ جي سنڌ آهيان ڪو ڪلارڪ ناهيان، ڪراچي ۾ ٽرئفڪ سڀ کان وڌيڪ آهي ۽ کاتي جو ڊي آءِ جي منهنجي مرضي بنا لڳايو ويو آهي، هن وڌيڪ چيو ته سنڌ پوليس جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ميرٽ تي ڀرتيون ڪيون.