آءِ جي اي ڊي خواجه ڪرپٽ پوليس آفيسر جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا
November 18, 2017 at 3:45 amڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي آءِ جي اي ڊي خواجه ڪرپٽ پوليس آفيسرن جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا آهن، آءِ جي پاران سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل رپورٽ موجب اعليٰ پوليس آفيسر ڪرمنل ڄاڻايل، ڪرپشن ۽ غبن ۾ ملوث آهن، رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اڳوڻو آءِ جي غلام حيدر جمالي پوليس کاتي ۾ غير قانوني ڀرتيون ڪيون، ڊي ايس پي رياض ڀٽو پلاٽن تي قبضا، جڏهن ته اڳوڻو ڊي آءِ جي سکر ڪيپٽن فيروز شاهه، ايراني تيل جي غير قانوني ڪم ۾ ملوث آهي، رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته اڳوڻي ايڊيشنل آءِ جي اعتزاز احمد گورايا به غير قانوني ڀرتين ۾ ملوث رهيو، جڏهن ته ڊي ايس پي چوڌري لياقت تي خطرناڪ قيدين جي پٺ ڀرائي جو الزام آهي، رپورت ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڊي ايس پي فرحان علي بروهي تي خطرناڪ ڏوهارين کان رشوت وٺڻ، ڊي ايس پي نير الحق غير اخلاقي ڌنڌن سان ڪمائي ۾ ملوث آهي، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اڳوڻو ايڊيشنل آءِ جي ٽريفڪ خادم تي ماتحت عملي کان رشوت وٺڻ جو الزام آهي، جڏهن ته عورت ڊي ايس پي ناز پروين جعلي سرٽيفڪيٽ پيش ڪري نوڪري حاصل ڪئي، اي ڊي خواجه انڪشاف ڪيو آهي ته ڊي ايس پي مرزا تيمور بيگ نشي ۾ ڌت رهندو آهي.