اسلام آباد: (بيورو) اڳوڻي ناڻي واري وزير ۽ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد عمر چيو آهي ته آءِ ايم ايف پروگرام ۾ وڃڻ کانپوءِ خرابيون پيدا ٿيڻ شروع ٿي ويون.اسلام آباد ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي اسد عمر چيو ته سالي وچ ۾ عالمي مارڪيٽ جون حالتون به ايمرجنگ مارڪيٽ لاءِ سازگار هيون ۽ آءِ ايم ايف کانسواءِ معاملا بهتر ٿي رهيا هئا پر آءِ ايم ايف پروگرام ۾ وڃڻ جي اعلان کانپوءِ خرابيون پيدا ٿيڻ شروع ٿي ويون. هن چيو ته پانڊا بانڊ سڪوڪ تي ڪم ٿي رهيو هو پر آءِ ايم ايف معاهدي کانپوءِ ملتوي ڪرڻو پئجي ويو، پاڪستاني معيشت کي مڪمل طور تبديل ڪرڻ جو موقعو سينسر ڪيو ويو. سندس چوڻ هو ته وزيراعظم عمران خان کي صورتحال کان آگاهه ڪيو ڇاڪاڻ ته فيصلو کيس ئي ڪرڻو هو. اسد عمر چيو ته وزيراعظم چيو ته مان رسڪ کڻڻ وارو ماڻهو آهيان پر سڀ چئي رهيا آهن ته پروگرام وٺڻو پوندو. هن چيو ته ايف بي آر ڪينسر ۾ ورتل آهي، ملڪي ترقي لاءِ مستقبل جي نسلن جي خوشحالي جا فيصلا ڪرڻا پوندا.سندس چوڻ هو ته فيصلا قوم کي ڪرڻا آهن پر مان سمجهان ٿو ته قوم جي خوشحالي جي فيصلن جي شروعات ڪئي وئي آهي. اسد عمر چيو ته پاڪستان جي اشرافيا کي ملڪ تي اعتماد ڪرڻو پوندو ۽ اين ايف سي جو ماڊل آئيني ترميم سان تبديل ڪرڻو پوندو. هن چيو ته جيڪڏهن معاشي فيصلا 2023 جي اليڪشن کي نظر ۾ رکي ڪيا ويا ته حالتون 2018ع جهڙيون هونديون. اسد عمر چيو ته روپئي کي هٿرادو طاقت ڏيڻ جو الزام اسحاق ڊار تي نه هڻو، اهو ڪم هر حڪمران ڪيو آهي.