نيو هيمپشائر(م ڊ): عالمي مالياتي فنڊ ڪورونا وائرس سان متاثر ٿيندڙ ۽ ان سبب معاشي ڏکيائين جو شڪار ملڪن کي 10 کرب ڊالر تائين قرض ٻُڙي شرح سود ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.عالمي خابرو اداري موجب آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جورجيفا ميمبر ملڪن کي ڪورنا وائرس سان نبرڻ ۽ معيشت جي بحالي لاءِ 10 کرب ڊالر تائين جو قرض ڏيڻ تي رضامندي جو اظهار ڪندي ٻڌايو ته اهو قرض ٻُڙي شرح سود تي اڀرندڙ ۽ ترقي ڪندڙ معيشتن کي 50 ارب ڊالر، جڏهن ته گهٽ آمدني وارن ملڪن کي 10 ارب ڊالر تائين ڏنو ويندو. مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جورجيفا وڌيڪ چيوته 20 ملڪن قرضن جي لاءِ دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي ۽ اسان جي ڪوشش آهي ته ڪورونا وائرس سان متاثر ٿيندڙ ملڪن کي ترجيحي بنياد تي ۽ تيز رفتاري سان بنا سود قرضا ڏنا ويندا، جئين معاشي بحران جو شڪار ۽ مالي مدد جي حقدار ملڪن کي پنهنجا معاملا هلائڻ جي لاءِ ڪجهه سهارو ملي سگهي ٿو. جڏهن ته سي سي آرٽي فنڊز غريب ترين ملڪن کي فوري طور قرض نجات ڏيارڻ ۾ به مدد فراهم ڪري سگهي ٿو.