آءُ جنرل نيازي ناهيان جو هٿيار ڦٽا ڪيا: مولانا فضل الرحمان

اسلام آباد(بيورو) جمعيت علماءِ اسلام جي پارٽي ڊسپلنري ڪميٽي وڏو فيصلو ڪندي پارٽي پاليسي جي خلاف وڃڻ تي 4 ميمبرن جي بنياد رڪنيت ختم ڪري ڇڏي ۽ کين پارٽي مان ڪڍيو ويو آهي. جمعيت علماءِ اسلام جي پارٽي ڊسپلن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ميمبرن جي معاملي ۾ جمعيت علماءِ اسلام جي پارٽي ڊسپلنري ڪميٽي پارٽي پاليسي جي خلاف وڃڻ تي 4 ميمبرن بابت وڏو فيصلو ڪيو آهي ۽ ڪميٽي مولانا محمد خان شيراني، حافظ حسين احمد، مولانا گل نصيب خان ۽ مولانا شجاع الملڪ جي بنيادي رڪنيت ختم ڪري ڇڏي آهي.جي يو آءِ جي ترجمان موجب ڪميٽي چئني اڳواڻن کي پارٽي ڊسپلن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي رڪنيت ختم ڪري پارٽي مان ڪڍيو آهي، چئني اڳواڻن کي ڪڍڻ جو فيصلو ڊسپلنري ڪميٽي ڪيو جڏهن ته ڊسپلنري ڪميٽي جو سربراهه سائين عبدالقيوم هاليجوي جي هدايت تي پارٽي جلد بنيادي رڪنيت ختم ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪندي.ترجمان وڌيڪ چيو ته ڪميٽي ميمبرن آغا ايوب شاهه، مولانا عبدالواسه، مولانا عبدالحڪيلم اڪبري سميت ٻين گڏيل طور تي هي فيصلو ڪيو.مولانا فضل الرحمان ڊيرا اسماعيل خان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته نااهل حڪومت خلاف وڙهي رهيا آهيون، سڀني جو اتفاق آهي ته حڪومت کي وڃڻ گهرجي. هن چيو ته پوليس چوي ٿي ته توهان جي سيڪيورٽي واپس وٺڻ جي لاءِ دٻاءُ آهي، آئون جنرل نيازي ناهيان جو هٿيار ڦٽا ڪري سرينڊر ڪيان. مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته مولانا شيراني جي ڳالهه کي اسٽيبلشمنٽ ۽ پي ٽي آءِ سپورٽ ڪري رهي آهي، فنڪشنل ليگ به اسٽيبلشمنٽ کي بي ٽيم آهي. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت پنهنجي استعيفيٰ ۽ عام چونڊن جو اعلان ڪري پوءِ ان تي ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون. هن ٻڌايو ته جنوري کي ڪراچي ۾ اسرائيل مرده باد ريلي نڪرندي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *