گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس پاران شام مٿان اسرائيلي حملن تي ڳڻتي ظاهر
December 13, 2024 at 8:58 amگڏيل قومن جي سربراهه شام تي اسرائيلي حملن تي ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي.
گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس چيو آهي ته شام تي اسرائيلي حملن تي ڳڻتي آهي.
هن چيو ته اسرائيلي حملا شام جي خودمختياري ۽ سلامتي جي ڀڃڪڙي آهن.
شام تي اسرائيلي اڳڀرائي جو سلسلو جاري آهي، اسرائيل گذريل ٻن ڏينهن دوران 5 سئو کان وڌيڪ هوائي ڪيا.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب اسرائيلي جنگي جهازن شام ۾ هوائي ڪارروائي تيز ڪندي گذريل 48 ڪلاڪن ۾ اسٽريٽجڪ فوجي هدفن تي 500 کان وڌيڪ هوائي حملا ڪيا، جنهن جي نتيجي ۾ شام جو فوجي ۽ انتظامي اسٽرڪچر تباهه ٿي ويو