گهوٽڪي(رپورٽر)گهوٽڪي ضلعي سميت ٻين شهرن ۾ عورتن سان ٿيندڙ ظلم کي فورن بند ٿيڻ گهرجي عورتن جا به مردن جيترا حق هجڻ گهرجن،غريب عورتن مٿان تشدد،ڪارو ڪاري ڪري ۽ سريعام عورتن جي قتلي عام کي فورن بند ڪيو وڃي.پي ٽي آءِ اڳواڻ انيسا ولي الله جون ميڊيا سان ڳالهيون،اسان کي تعليمي شعور طرف وڌيڪ ديان ڏيڻ جي ضرورت آهي ڇوڪرين کي به وڌ کان وڌ تعليم ڏيارڻ گهرجي ته جيئن هو پنهنجا حقن حاصل ڪري سگهن ،خبرموجب گهوٽڪي ضلعي ۾ عورتن مٿان ٿيندڙ تشدد سريعام ڪاروڪاري قرار ڏئي قتل ڪرڻ ۽ عورتن جي حق جي حوالي سان پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ صوبي جي عورت اڳواڻ انيسا ولي الله ميڊيا سان ڳالهه ٻول ڪندي چيو آهي ته هن معاشري ۾ عورتن کي غلام ۽ جانور جيان سمجهو ويندو آهي جڏهن ته عورتن جا به مردن جيترا حق آهن ان کي عورتن کي به پنهنجا حق ضرور ملڻ گهرجن. هڪ سوال جي جواب ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته گهوٽڪي ضلعي سميت سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ عورتن کي ڪارو قرار ڏئي انهن کي سريعام قتل ڪيو ويندو آهي جيڪو انتهائي مذمت جوڳو عمل آهي هن چيو ته ڇوڪرين کي به مڪمل تعليم ڏيڻ گهرجي ڇو ته عورتون به هن سماج جو حصو آهن انهن کي به ملڪ جي ڀلائي لا پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ ڏنو وڃي,