ڪيس جو فيصلو مايوس ڪندڙ ۽ قبول ڪرڻ جوڳو ناهي:بلاول ڀٽو زرداري

September 1, 2017 at 8:14 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) بينظير ڀٽو قتل ڪيس جو فيصلو اچڻ کانپوءِ اڳوڻي وزيراعظم جي ٻارن ان تي مايوسيءَ جو اظهار ڪيو آهي. پ پچيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته ڪيس جو فيصلو مايوس ڪندڙ ۽ قبول ڪرڻ جوڳو ناهي، قاتلن جي آزادي رڳو ناانصافي ئي نه پر خطرناڪ به آهي، پارٽي قانوني آپشنز تي غور ڪندي. آصفا ڀٽو زرداري پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته بي بي جي شهادت کي 10 سال گذري ويا پر اسان اڃا تائين انصاف جي انتظار ۾ آهيون، ڏوهارين کي سزا ٿي پر اصلي قاتل اڃا به آزاد آهن. انصاف تيستائين نه ٿيندو، جيستائين پرويز مشرف پنهنجي ڏوهن جو حساب نٿو ڏئي. شهيد بينظير ڀٽو جي وڏي نياڻي بختاور ڀٽو زرداري پنهنجي ٽوئيٽ ۾ فيصلي تي ناراضگي جو اظهار ڪندي چيو ته پوليس اهلڪارن کي گرفتار ڪيو ويو پر اصلي دهشتگردن کي آزاد ڪيو ويو، جيڪو عمل لڄائيندڙ آهي

اي پيپر