ڪنرل رٽائرڊ حبيب ظاهر کي کٽمنڊو ايئرپورٽ تي وٺي اچڻ وارا سمورا ماڻهو ڀارت سان تعلق رکندا هئا: پرڏيهي صلاحڪار
April 20, 2017 at 7:27 pmNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم جي پرڏيهي معاملن واري صلاحڪار سرتاج عزيز سنيٽ کي ٻڌايو آهي ته شروعاتي جاچ موجب ڪرنل رٽائرڊ حبيب ظاهر کي کٽمنڊو ايئرپورٽ تي وٺي وڃڻ وارا سمورا ماڻهو ڀارت سان تعلق رکندا هئا، خميس تي سينيٽر ميان محمد عتيق جي ڪرنل رٽائرڊ حبيب جي گمشدگي جي حوالي سان تحريڪ التوا جي منظوري جي تعين جي معاملي تي پاليسي بيان ڏيندي پرڏيهي صلاحڪار چيو ته حبيب ظاهر کي هڪ ڪمپني نوڪري لاءِ نيپال ۾ گهرايو هو ۽ هو لاهور کان سڌو لنڊ کٽمنڊو جو سفر ڪيو، جيڪي ماڻهو ايئرپوٽ تي ان کي وٺڻ لاءِ آِيا، ان لاءِ ٽڪيٽ ۽ هوٽل ۾ رهڻ جو انتظام ڪيو، اهي سمورا ڀارت جا شهري هئا، اها ڳالهه شروعاتي جاچ ۾ سامهون آئي آهي، هن چيو ته ان جي گهرواري ان جي گمشدگي کانپوءِ جي ايڇ ڪيو سان رابطو ڪيو، جنهن کانپوءِ پرڏيهي وزارت کي ان معاملي کان آگاهه ڪيو ويو، حبيب جي گمشدگي جي نيپال ۽ پاڪستان ۾ ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي، نيپالي حڪومت سان گڏجي ان جي بازيابي لاءِ ڪوششون جاري آهن.