ڪلڀوشن ياديو وارو معاملو قومي اهميت جو آهي، سياست نه ٿيڻ گهرجي: اياز صادق
May 20, 2017 at 7:09 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
اسلام آباد( بيورو ) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر اياز صادق چيو آهي ته ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو جي سزا وارو معاملو قومي اهميت جو آهي جنهن تي سياست نه ڪرڻ گهرجي. قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر اياز صادق رفان سڄي ملڪ جي صحافين جي مان ۾ آجياڻو ڏنو ويو. آجياڻي کي خطاب ڪندي اياز صادق چيو ته جيڪڏهن چيف چيو ته وڪيل هنن فراهم ڪيو ته پوءِ تنقيد بنا جواز آهي. هن چيو ته کيس ڪلڀوشن ياديو واري معاملي جي گهڻي ڄاڻ ناهي تنهن ڪري تبصرو نه ڪندو. سندس چوڻ هو ته ڪلڀوشن ياديو واري معاملي تي قومي سلامتي جو اجلاس طلب ڪري سگهجي ٿو. اياز صادق چيو ته ڊان ليڪس واري معاملي تي هر اداري پنهنجو هاڪاري ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته قومي اسيمبليءَ ۾ حاضري جي گهٽتائي ختم ڪرڻ سندس اختيار ناهي. سند س چوڻ هو ته سياسي پارٽين تي اسپيڪر طور سندس ڪو اختيار ناهي. اياز صادق چيو ته ڪورم پورو ڪرڻ سياسي پارٽين جي ذميواري آهي. هن چيو ته فاٽا سڌارن ۾ دير جا ذميوار فاٽا جا ميمبر آهن. سندس چوڻ هو ته فاٽا جي ميمبر شاهه جي گل آفريدي فاٽا ڪاز کي نقصان پهچايو آهي. اسپيڪر اياز صادق چيو ته خورشيد شاهه جي تقرير دوران شاهه جي گل آفريدي بنا اجازت ڳالهائيندو آهي. هن چيو ته مسئلو تڏهن خراب ٿيو جڏهن شاهه جي گل آفريدي ماڻهن جي انا کي نقصان پهچايو. سندس چوڻ هو ته شيرين مزاري مون کي تنگ ڪندي آهي ته مون کي به جواب ۾ اهڙي ئي ڪارروائي ڪرڻي پوندي آهي.