ڪراچي ۾ پوليس ڪارروائيون، 11 جوابدار گرفتار، 2 ڄڻا زخمي

ڪراچي(م ڊ) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ پوليس ڪارروائيون ڪندي 11 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو جڏهن ته اڻڄاتل ماڻهن جي فائرنگ ۽ انڌي گولي لڳڻ سبب 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. منگهي پير ۾ هڪ ٻارڙي جو تشدد ٿيل لاش به هٿ آيو. پوليس موجب شريف آباد ۾ ڦر لٽ ڪندڙ 2 ڦورن حمزه حسين ۽ نعمان مقصود کي پوليس گرفتار ڪري هٿيار ۽ ڦريل سامان هٿ ڪيو. اورنگي ٽائون پاڪستان بازار ۾ اسنيپ چيڪنگ دوران پوليس 4 جوابدارن سمير، امان، محمد جميل ۽ شرافت علي کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪري ورتا ۽ جوابدار اسٽريٽ ڪرائم ۾ ملوث آهن. بلديا ٽائون سب ڊويزن پوليس اتحاد ٽائون ۽ بلديا ۾ 2 مختلف ڪارروائين ۾ منشيات فروش ۽ ريذيڊنٽ  ايڪٽ جي ڀڃڪڙي ڪندڙ 4 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. عزيز ڀٽي پوليس به ڪارروائي ڪري جوابدار عبدالستار کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪيا. فيڊرل بي ايريا بلاڪ 21 ۾ ڌاڙي جي مزاحمت تي فائرنگ ۾ 25 سالن جو عمران ۽ ڪياماڙي جي پي ٽي گيٽ وٽ انڌي گولي لڳڻ سبب 30 سالن جو نوجوان زخمي ٿي پيو. ٻئي پاسي ڪراچي جي منگهي پير واري نور محمد ڳوٺ ۾ خالي پلاٽ مان 6 سالن جي نينگر جو لاش مليو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *