ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ رُڪجي نه سگهي، وڌيڪ 4 ڄڻا مارجي ويا، آپريشن تيز، ٻن مذهبي اڳواڻن سميت 100 ڄڻا گرفتار
November 7, 2016 at 7:58 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ فائرنگ جي نتيجن ۾ 4 ڄڻا قتل ۽ 4 زخمي ٿي پيا آهن، ڪراچي جي علائقن اورنگي ٽائون ۾ اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو، جڏهن ته چار ڄڻا زخمي ٿي پيا، سچل ٿاڻي جي علائقي رضويا سوسائٽي ۾ موٽر سائيڪل تي سوار هٿياربندن انڌا ڌُنڌ فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو موقعي تي ئي مارجي ويو، جڏهن ته چار ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي فوتي طور طبي امداد لاءِ ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته فائرنگ جو ٻيو واقعو اورنگي ٽائون ۾ ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو، اورنگي ٽائون ۾ مارجي ويل جي سڄاڻپ اسرار طور ٿي آهي. پٽيل پاڙي ۾ هٿياربندن گوليون هڻي همراهه کي قتل ڪري ڇڏيو. ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ جي واقعن کان شهر جي مختلف علائقن ۾ پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن آپريشن تيز ڪري ڇڏيو آهي، مجلس وحدت المسلمين جي علامه مرزا يوسف حسين ۽ اهلسنت والجماعت جي جنرل سيڪريٽري تاج حنفي سميت 100 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ڪراچي جي علائقي رضويه سوسائٽي، گلبهار، نانگن چورنگي، لياقت آباد، سنڌي هوٽل ۽ پير آباد ۾ پوليس ۽ رينجرز جي گڏيل آپريشن ڪيو ويو. آپريشن دوران پوليس ايندڙ ويندڙن رستن کي سيل ڪري 82 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو. رضويه سوسائٽي ۾ پوليس ۽ رينجرز جي سرچ آپريشن خلاف رهواسين گوليمار چورنگي وٽ مظاهرو ڪري روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. آپريشن دوران پوليس ويندڙ ويندڙ رستن کي سيل ڪري ڇڏيو بلديا ٽائون جي علائقي سعيد آباد ۾ پوليس ڪومبگ آپريشن ڪري 14 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس گرفتار ٿيل کان پڇا ڳاڇا لاءِ اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي. خانگي ٽي وي موجب ڪجهه ڏينهن دوران شهر ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ جا واقعا وڌي ويا، ڳجهن ادارن دهشتگردن جو نيٽ ورڪ هجڻ ۽ سندن سهولتڪارن جي موجودگي جو انڪشاف ڪيو، اهڙي رپورٽ بعد آپريشن تيز ڪيو ويو آهي. هوانهن رينجرز ترجمان پنهنجا جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته تلاشي دوران مسجدن، امام بارگاهن ۽ مدرسن جو احترام ڪيو ويندو آهي، سوشل ميڊيا تي شرپسندن پاران جاري ڪيل تصوير حقيقتن جي ابتڙ آهي. عوام اهڙين ڳالهين تي ڌيان نه ڏي، شرپسندن بابت اطلاع ويجهي واري چيڪ پوسٽ يا رينجرز مددگار نمبرن تي ڏني وڃي.