ڪراچي ۾ آءِ ايس او جي آمريڪا خلاف ريلي، پوليس جي شيلنگ، گرفتاريون

August 28, 2017 at 7:40 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

ڪراچي (م ڊ): ڪراچي ۾ اماميه اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن طرفان آمريڪا خلاف ريلي ڪڍي وئي آهي، ريلي ۾ شرڪت ڪندڙن تي پوليس شيلنگ ۽ لاٺي چارج ڪري ڏني، جڏهن ته ڪارروائي ڪندي ريلي ۾ شريڪ 10 ڄڻن کي گرفتار به ڪري ورتو، ڪراچي ۾ ايم اي جناح روڊ تي ڊونلڊ ٽرمپ طرفان پاڪستان خلاف بيان تي آءِ ايس او ”آمريڪا مرده باد“ ريلي ڪڍي، ريلي کي چورنگي کان ٿيندي ايم اي جناح روڊ تي آمريڪي قونصل خاني طرف وڌڻو هيو ۽ اتي احتجاج ڪرڻو هيو، پوليس ۽ اماميه اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن وچ ۾ ڪافي دير تائين ڳالهيون به جاري رهيون، جنهن ۾ پوليس طرفان اجازت ڏني وئي ته ريلي جا شرڪت ڪندڙ نمائش چورنگي چوڪ تي ئي پرامن احتجاج ڪري سگهن ٿا پر مظاهرين طرفان آمريڪي قونصل خاني سامهون احتجاج ڪرڻ جو ضد ڪرڻ تي پوليس شرڪت ڪندڙن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ لاٺي چارج ڪري ڏني، جڏهن ته ان دوران هوائي فائرنگ ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گئس جو به استعمال ڪيو ويو، جنهن سبب مظاهرين ڳوڙها آڻيندڙ گئس کان بچڻ لاءِ گهٽين ۾ ڪاهي پيا پر پوليس ڪارروائي ڪندي 10 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو.

اي پيپر